ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اداڪارا راکي ساونت عرف فاطمه اسلام قبول ڪرڻ بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مون ڪلمو پڙهي ڇڏيو آهي ۽ نماز پڙهڻ منهنجو فرض ٿي ويو آهي. راکيءَ جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي. جنهن ۾ هن صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته مان نماز پڙهندي آهيان. ميڊيا سان ڳالهائيندي راکي ساونت چيو ته منهنجو مڙس مسلمان آهي ۽ مون ڪلمو پڙهيو آهي ته نماز پڙهڻ منهنجو فرض بڻجي ٿو، مان نماز پڙهندي آهي ۽ خدا کان دعا ڪندي آهيان ۽ مونکي ان کان ڪير به روڪي نٿوسگهي. واضح رهي ته راکي ساونت پنهنجي مڙس عادل دراني سان انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هوءَ هني مون کان پهريون عمري جي ادائيگي لاءِ ويندي. راکي ساونت جي عادل دراني سان ٻي شادي آهي جڏهن ته سندس پهرين شادي بگ باس 15 جي اداڪار رتيش سنگهه سان ٿي هئي.

واضح رهي ته راکي ساونت عادل خان سان شادي کان اڳ اسلام قبول ڪيو هو جڏهن ته پنهنجو نالو تبديل ڪري فاطما رکيو هو.