ڪراچي (م ڊ)  بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه کي دانهن ڏيڻ بابت پ پ ايم پي اي سجيلا لغاري سان منسوب مبينا آڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي. ٽائيم نيوز موجب مبينا آڊيو ۾ سجيلا لغاري دانهيو آهي ته آئون لاڳيتو دادو ۾ ترسيل آهيان، برادري جا هزارين ماڻهو ٻوڏ سبب تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڊي سي دادو راشن جا رڳو 25 ٿيلها ڏنا ويا آهن، خبر پئي ته ٻين ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي 3-3 هزار راشن مليو ته ڊي سي آفيس ويس، ڪيترائي ڪلاڪ انتظار ڪندي رهيس پر ڊي سي در نه کولرايو، ائين لڳو آئون شايد  پ پ جي نه، پر پي ٽي آءِ يا متحده جي ايم پي اي آهيان، اهڙي صورتحال ۾ آئون وڌيڪ ڪم نٿي ڪري سگهان. مون سان اهڙي حالت آهي ته عوام سان ڇا ٿيندو هوندو؟