مون نه ايئن ڪو ڄاتو هو، سنڌڙي اهڙا ڏينهن به ڏسندي!

0
148
عالمي امداد ٻوڏ متاثرن تي ئي خرچ ڪرڻ جو سوال

سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي منافرت  جي  روش تي ڪنهن  ڇرڪ ڀري  لکيو هو ته “مو ن نه ايئن ڪو ڄاتو هو سنڌڙي اهرا ڏينهن به ڏسندي!” سنڌڙي جيڪا مذهبي منافرت کان پاڪ ڌرتي،سنڌڙي جيڪا روادار ڌرتي سنڌڙي جيڪا پنهنجي مڇي ماني واري ڌرتي،جتي حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب هر گند گڏ ٿيندو پيو وڃي جتي هر ڏوهه پلجي رهيو آهي جتي انسانيت موڪلائي رهي آهي،جتي ماڻهو بک وگهي مرڻ شروع ٿيا آهن يا خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن. ڪنهن کي ڏوهه ڏجي،حڪمرانن کي عوام جي پرواهه ناهي ۽ عوام رڳو انهن لا ءِ ووٽ جو ذريعو آهي ۽ موٽ ۾ کين رڳو موت ٿو ملي، اهڙو موت جيڪو ڪڏهن دوا نه ملڻ ڪري ٿي رهيو آهي،اهڙو موت جيڪو پنهنجي ملڪيت بچائيندي ڦورن سان مهاڏو اٽڪائڻ سبب ملي رهيو آهي، اهڙو موت جيڪو پوليس جي رشوت جي فرمائش پوري نه ڪرڻ سبب لاڪ اپ ۾ ٽنگيل لاش جي صورت۾ ملي رهيو آهي،اهڙو موت جيڪو اٽي لپ حاصل ڪرڻ لاءِ ڊوڙندي ڊوڙيندي پيهه ۾ چيڀاٽجي ٿي رهيو آهي. ڪنهن ڪڏهن سوچيو هو ته  وسيلن سان مالا مال سنڌ ۽ زرعي صوبي جا ماڻهو پنهنجي ٻچن جي پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ اٽي جي لپ کي زندگي سمجهي ان جي پويان ڊوڙندي ڊوڙندي موت جي منهن ۾ هليا ويندا ؟ بخشڻ مهراڻوي جي انهن سٽن وانگر “مون نه ايئن ڪو ڄاتو هو سنڌڙي اهڙا ڏينهن به ڏسندي.”

هونئن ته ملڪ ۾ مهانگائي جي حالت جيڪا نظر اچي رهي آهي تنهن  غريب کان هر اها سهولت کسي ورتي آهي جنهن کي زندگي جي بنيادي  ضرورت چيو ويندو آهي پر ڪجهه ڏينهن کان جيڪا اٽي جي اگهه ۾ واڌ ٿي آهي انهي ماڻهن کي جيئڻ لاءِ ڊوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي انهي سستي اٽي جي ٽرڪن پٺيان جيڪا هزارين ماڻهن لاءِ ڪنهن شهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن نظر اچن ٿيون.اڄڪلهه سنڌ جي هر شهر ۾ اهڙا منظر آهن جتي ماڻهو سڀ ڪم ڪار ڇڏي انهي سستي اٽي جي ڳولا زندگي وانگر ڪري رهيا آهن جيڪڏهن اهو اٽو نه مليو ته هو ۽ سندن معصوم ٻچا بک وگهي حياتي وڃائي ويهندا جنهن ڪري پنهنجي حياتي جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ماڻهو ٻچن جي جيئندان لاءِ اهڙي موت جي کوهه ۾ به گهڙي ٿا پون، جنهن ڪري سندن حياتي هر وقت خطري ۾ هوندي آهي.جنهن جو تازو مثال اهي ٻه ٽي واقعا آهن جنهن ۾ هڪ شخص رش ۾ لتاڙجي  فوت ٿي ويو آهي ۽ ٽي عورتون اهو سستو اٽو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجون ڄنگهون ڀڄرائي ويٺيون آهن. سنڌ ۾ سرڪارسستو اٽو ملڻ جي دعويٰ ته ڪري رهي آهي پر اهو اٽو ڪٿي ملندي نظر نه ٿو اچي جنهن جي شاهدي اهي ڪجهه واقعا آهن ته ڪيئن اهو اٽو حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهو پنهنجي جيءَ کي جوکي ۾ وجهي رهيا آهن. ميرپورخاص ۾ سرڪاري اسٽال تان سستو اٽو وٺڻ لاءِ آيل 9 ٻارن جو پيءُ هرسنگهه ڪولهي رش ۾ لتاڙجي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سڪرنڊ ۾ سستو اٽو وٺڻ لاءِ پهتل خلق ۾ عورتون هڪٻئي کي ڌڪا ڏينديون رهيون، جنهن جي ڪري هڪ نينگريءَ سميت 2 عورتون لتاڙجي زخمي ٿي پيون، ٻڌايو پيو وڃي ته عورتن جون ڄنگهون ڀڃي پيون آهن،سنڌ حڪومت ۽ مقامي انتظاميا جي لاپرواهي سبب صوبي جي اڪثر علائقن ۾ في ڪلو اٽو 150 کان 160 رپين تائين وڪرو ٿي رهيو آهي،اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف صوفي فقير، پڊعيدن، ميرو خان، شهدادپور، شيخ ڀرڪيو ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن.

اسان سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي ڪا کوٽ ناهي پر حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ واپارين جي منافعي خوري جي ڪري اٽي جو اهو بحران پيدا ٿيو آهي جنهن جي ڪري سنڌ جا ماڻهو  هڪ اهڙي خوف ۾ وٺجي ويا آهن ته ڪٿي سندن ٻچا بک وگهي ته مرڻ شروع نه ٿيندا جنهن ڪري اهي پنهنجو پاڻ کي موت جي منهن ۾ اڇلي اهو سستو اٽو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.هي ڪو اتفاقي حادثو ناهي پر اهڙو قتل آهي جيڪو حڪمرانن جي غلط پاليسي ۽ لاپرواهي سبب ٿيو آهي.تنهن ڪري سنڌ سرڪار هن واقعي مان سبق سکي اکيون پٽي ايئن نه ٿئي  جو اٽي جي ڳولا ۾ شهري ايئن چيڀاٽجي فوت ٿيندا رهن.