لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پاڻ تي حملو ڪندڙن کي معاف ڪرڻ سميت سڀني سڀني سان ڳالهائڻ ۽ سوديبازي لاءِ تيار آهيان. وڊيو لنڪ ذريعي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت ڪيرائي پئي وئي ته ان وقت آرمي چيف کي سمجهايو هو ته عدم استحڪام ايندو، سياستدان سڀني سان ڳالهائيندو آهي ڪنهن سان تعلق ختم ناهي ڪندو پر جيڪي ماڻهو ملڪ جو پئسو چوري ڪن انهن سان ڪيئن سمجهوتو ٿي سگهي ٿو؟ جنرل باجوا چيو ته انهن کي اين آر او ڏيو، مان ڪير ٿيندو آهيان جو عوام جو پئسو انهن کي معاف ڪري ڇڏيان؟ اڳوڻي وزيراعظم چيو ته آئون سڀني سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان، مون کي خبر آهي ته قاتلاڻي حملي ۾ ڪير ڪير ملوث هو، حملو ڪندڙن کي به معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، نيلسن منڊيلا 27 سال جيل ۾ گذاريا، ٻاهر اچي سڀني کي معاف ڪري ڇڏيائين، اڄ پاڪستان جي جيڪا صورتحال آهي، ان ۾ سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو. تحريڪ ا نصاف جي چيئرمين جو چوڻ هو ته موجوده حڪمرانن کي آئون 30 سالن کان سڃاڻان ٿو، هي معيشت نه ٿا سنڀالي سگهن، جڏهن سياسي استحڪام نه هوندو معاشي استحڪام به نه ايندو،آئون طوطي وانگر بار بار چوان ٿو ته اليڪشن ڪرايو، ٻن صوبن نه پر پوري ملڪ ۾ چونڊون ڪرايون وڃن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ يقين رکان ٿو ته اهي چونڊون ڪرائيندا، ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ چونڊون پهريون قدم آهي، سياسي استحڪام چونڊن سان ايندو، ان کانپوءِ معاشي استحڪام ايندو، عوامي مينڊيٽ سان حڪومت ايندي ته عوام جو اعتماد وڌندو، اعتماد نه هوندو ته سيڙپڪار پنهنجو پئسو نه لڳائيندو. عمران خان چيو ته ايندڙ هفتي چونڊ مهم جو پهريون جلسو ڪري رهيو آهيان، هڪ ٻن هفتن ۾ اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏئي ڇڏيندس، آئون پاڻ انٽرويو ڪري رهيو آهيان، ان  سلسلي ۾ نه ڪڏهن لالچ ۾ آيو آهيان ۽ نه وري سفارش ٻڌندو آهيان، جيڪو ٽڪيٽن ۾ رهجي ويندو، ان کي مڪاني اليڪشن ۾ ٽڪيٽ ڏني ويندي، پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ بعد مڪاني چونڊون ڪرائينداسين، ڪنهن به پارٽي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي ته ان کي فوري طور ڪڍيو ويندو. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مون تي 74 ايف آءِ آرز ٿي چڪيون آهن، اسانجي ماڻهن کي چيو ويو ته نواز ليگ ۾ هليا وڃو، مون تي منڌيئڙو لڳايو ويو، ظلم ۽ خوف پکيڙي تحريڪ انصاف کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جهڙي ريت منهنجا ماڻهو ڄمي بيٺا، مشڪلاتون برداشت ڪيون، ان تي کين خراج تحسين پيش ڪريان ٿو،  پشاور ۾ ايترا ماڻهو نڪري آيا جو پوليس گرفتار ئي نه ڪري سگهي، جيل ڀريو تحريڪ ۾ اسانجي ماڻهن دسان دشمنن جهڙو سلوڪ ڪيو ويو.  هن چيو ته اسانجي دور ۾ ٽن سالن ۾ رپيو ڊالر جي مقابلي ۾ 55 رپيا ڪريو هو، هاڻ خدشو آهي ته ڊالر 300 رپين تي پهچي ويندو، ڊار وڏو شور مچايو هو ته ڊالر کي 200 کان هيٺ آڻيندس، ملڪ ۾ مايوسي جي اهڙي ڪيفيت آهي جو 8 لک پروفيشنلز ملڪ ڇڏي چڪا آهن، هڪ طرف مايوسي ته ٻئي پاسي مهانگائي آهي، بيروزگاري وڌي رهي آهي، اسانجي حڪومت ۾ 50 لک نوڪريون مليون،