نيٺ پي ڊي ايم جي گهر ۾ به سس ننهن وارو جهيڙو شروع ٿي ويو. پاڻ کي نيب سمجهي شوڪاز نوٽيس ٿي موڪليائون ته اي اين پي وارا منهن سڄائي ڌار ٿي ويا. پ پ وارن جارحانه جواب ڏيڻ شروع ڪيا ته مريم نواز ۽ مريم اورنگزيب وري قهارانه جواب ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا. ڪنهن گهر ۾ اهڙا جهيڙا شروع ٿي ويندا هئا ته لڌو موالي چوندو هو ته ابا انهي گهر جي ڦٽي شروع ٿي وئي. منهنجي گهر ۾ به بيروزگاري ۽ مهانگائي جي ڪري اڻ هوند لڏو لاهي اچي ويٺي. طوطن ماءُ جا جهيڙا شروع هئا ڪڏهن هلڪي هلڪي موسيقي ۾ ڪڏهن سر مالڪوس ته ڪڏهن ماڳهين سر ڌاڌرو شروع ٿي ويندو هو. آئون اهي اندر جا ڦٽ ۽ درد جا داستان کڻي مٺڻ موالي جي اوتاري تي وڃي، ڀنگ جا جمبو پيالا پيءُ غم غلط ڪندو هئس. هڪ دفعي ڇا ٿيو جو ميڊيا جي سخت تنقيد ۽ اسيمبلي ميمبرن جي وقتي معطلي کانپوءِ پاڻ واري سرڪار ڪتن خلاف ڪجهه وٺ پڪڙ شروع ڪئي ته هڪ دئونس ڪتو پنهنجين چئن ڪتين ۽ 22 گلرن سميت لڏي اچي مٺن موالي جي اوتاري تي رهڻ لڳو. مون کي ڏاڙهون ڏکايل چيو ته هي ڪتو فيملي سميت لڏي آيو آهي! چيومانس ڪتي جي فيملي بنهه وڏي آهي چار زالون ۽ ٻاويهه ڦر! لڳي ٿو ته هي ڪتن جو ڪو سردار يا ڀوتار ٿو لڳي انهي ڪري چار زالون پيو پالي آئون ته هڪڙي زال مان به اهڙو لوهه ٿي ويو آهيان جهڙو ٻير جي ڍنگهري سلوار ۾ ڦاٿي پيئي هجي. وري کجو کنڀڙاٽي خبر ٻڌائي ته مس  مس سنڌ سرڪار ڪيئي ڪروڙ خرچ ڪري هڪ لک ستانوي هزار اٺ سئو ستهتر ڪتا ماريا آهن. سرڪار جي اهڙي زبردست ڪارنامي تي اسان سڀني موالين اڌ ڪلاڪ کن تاڙيون وڄايون. پوءِ مون اسان واري ميمبر رئيس روڏل خان گوڏاڻي کي فون ڪري چيو ته مون ڏانهن به ٽيهه چاليهه هزار موڪل ته همراهه تاريخ تي ڪري اسان جي ڳوٺ مان به ڪتا ڊوڙائي ڪڍان ۽ انهن سان گڏ رئيس گلڻ خان گول باڊي ۽ سندس موڀي پٽ رئيس قادن ڪوراڙ کي به ڊوڙائي ڪڍان انهن سڀني ڳوٺ وارن کي تپائي ڇڏيو آهي! چيائين ابا ٿورو ترس آئون پاڻ وڏي سرڪار کي لڳو پيو آهيان دعا ڪر ڪتن مارڻ جي آڙ ۾ ڪي ٻه ٽي ڪروڙ ملن ته توکي به چانهه پاڻي ڪرائيندس ته خدا ڪندو ليٽون لهي وينديون ۽ موجون ٿي وينديون. رئيس روڏل خان ليکي ڏيڻ ۾ اهڙو ماهر هو جهڙو ليکڙالاجي جي شعبي ۾ پي ايڇ ڊي ڪيل هجيس. مون مايوس ٿي فون بند ڪري ڇڏي. گهر وڃي ٽيوي ڏسڻ لڳس. سوچيم اڄ سنڌي چئنل ڏسندس. هڪ چئنل تي علي قاضي صاحب ويٺو هجي جيڪو صوبائي، ملڪي ۽ بين الاقوامي سياست ۽ حالتن تي عاليشان تبصرا پيو ڪري. سندس زبان ۽ دليلن ۾ ايترو وزن هو جو ڇا ٻڌايان! پر اسڪرين جي هيٺان ۽ ساڄي پاسي کان وري هڪ مشهور ڪمدار ۽ وڏيرو مومن سيڊ کي کنيو بيٺا هئا چون ته هي ٻج سوين مڻ پيداوار ٿو ڏئي. توهان پوکيو ته عاليشان بنگلو، گاڏي ۽ قهر جي موسيقي توهان وٽ پاڻيهي اچي ويندي. ٻئي ڄڻا جان ئي نه ڇڏين هر هر بيٺا هجن. مجبور ٿي مون ٻيو چئنل لڳايو اتي وري علي صاحب جي مقابلي ۾ هڪ ننڍي قد جو همراهه سياسي تجزيا ڪندي ايتريون ٻانهون پيو هلائي جهڙو گونگن جي اسڪول ۾ ليڪچر پيو ڏي. وري ٽئين چئنل تي ٽيوي لڳايم اتي وري هڪ پهلوان ايئن رعب سان پيو سياسي تجزيو ڪري جهڙو دڙڪا پيو ڏي. سندس اڳيان ويٺل اينڪر ويچاري جو ته منهن ئي لهي ويو، مون کي پڪ ٿي ته ڄاڻ ته روئڻ شروع ڪندو. وري چوٿين چئنل تي رکيم اتي هڪ وگ لڳل وڏين واڇن وارو همراهه زوري سنڌي پيو ڳالهائي. ان سان گڏ انڊيا جي پرانا، درديلا فلمي گانا به پيو هلائي انهن گانن ۾ ايترو ته درد هو جو مون کي ماضي جا ڪيل سڀ ناڪام عشق ياد اچي ويا. آئون اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳس ته طوطن ماءُ اچي منهنجا پٺا ٺپيريا. چيائين “طوطن پيءُ خير ته آهي ايترو پيو روئين ماڻهين مري وئي اٿئي ڇا؟” چيومانس “الله سائين وڏي حياتي ڏي امان کي! شل تنهنجي ماءُ ماسي ناٿي نانگڻ مري! مون کي ٽيوي واري همراهه روئاڙيو آهي. اهڙا درديلا گانا هلايا اٿس جو مون کي پراڻا عشق ياد اچي ويا. اندر چاڪ ٿي ويو پر اڻا ڦٽ اٿلي پيا هاءِ هاءِ!” آئوري روئڻ لڳس ته طوطن ماءُ ٽيوي بند ڪري چيو “مئا! تنهنجو سڄو ريڪارڊ ئي خراب آهي. پاسو ورائي الله الله ڪري سمهي رهه نه ته اهڙا چپلي ڪباب کرائينديسئين جو ياد ڪندين!” آئون پاسو ورائي سمهي پيس. حسب عادت صبح جو اٿي مون وري ٽائيم چئنل لڳايو ابا خبر پئي ته “ٽائيم نيوز” چئنل جي پهرين ۽ “پنهنجي اخبار” جي ٻي سالگرهه هجي. شهر شهر ۽ واهڻ واهڻ ۾ همراهن سالگرهه جا ڪيڪ پئي ڪاٽيا. ٻنهي ادارن جي واکاڻ پئي ڪئي ۽ انهن جي سرواڻ محترم علي قاضي صاحب کي سلام پئي ڪيا،  لفظن جي شاندار ڀيٽا پئي ڏني. دل ۾ خيال آيو ته آئون به مٺڻ موالي جي اوتاري تي اها سالگرهه ملهايان. پهريون مرحلو هو دعوتن جو انهن ادارن ۾ ڪجهه همراهن سان منهنجو پراڻو واسطو هو. هڪ ته انهن ادارن ۾ ٽي چار فاروق هئا ۽ ٽي چار امتياز هئا مون انهن سڀني کي ون ٽو ٿري فور جي حساب سان دعوت ڏني. هڪ پراڻو ساٿي فيض کوسو صاحب هو. جيڪو ڏاڍي ذات وارو کوسو هوندي به فيض ڏيندو هو. محنتي، جفا ڪش، جتي ڪٿي جن وانگر رپورٽنگ لاءِ موجود! ڏاڍو زبردست ماڻهو هو. ٻيو سياست کان وٺي صحافت تائين منهنجو پراڻو دوست هو دودو چانڊيو ذات ان جي به قهر جي هئي پر نالي ۾ جانثار هو. مون سمجهيو هڪ دو معنيٰ ٻه ٻي دو معنيٰ ٻه اهي ٿيا چار! پر خبر پئي ته هڪ ماڻهو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هڪ ماڻهو ٿي ڪري دودو انهن ٻنهي ادارن لاءِ چئن ماڻهن جو ڪم ڪندو هو. “پنهنجي اخبار” جي ايڊيٽوريل پيج جو انچارج هو فاروق سومرو صاحب، ڀلو ماڻهو هو، سندس ذات دودي واري هئي جنهن سنڌ تي سر ڏنو هو. ٻين اخبارن جي صفحي جا انچارج صاحب اسان جهڙن مولائي فقير ماڻهن جا فون کڻندا ئي ڪونهن. فون اٽينڊ ڪرڻ ۾ پنهنجي گهٽتائي محسوس ڪندا آهن پر فاروق صاحب هميشه منهنجو فون کڻندو هو. عزت ڏيندو هو ۽ عرض اگها ئيندو هو ان کي مون خاص دعوت ڏني، پر مون کي ادارن جي سربراهه علي قاضي صاحب سان هڪ عاشق وانگر ڏاڍي چاهه ۽ محبت هئي. ڪالم نگاري ۾ اڳتي آڻڻ ۾ علي قاضي صاحب جا مون تي وڏا احسان آهن. منهنجي دل ۾ خيال آيو ته محترم علي قاضي صاحب کي به هن ننڍڙي پروگرام جي دعوت ڏيان. مون ان سلسلي ۾ مٿي ڄاڻايل دوستن سان مشورو ڪيو. انهن چيو علي قاضي صاحب جي من ۾ تولاءِ عزت آهي، صاحب ضرور ايندو پر ان صاحب جو ٻڌي ٻيا همراهه به اچي ويا ته تنهنجي دعوت جو خرچ وڌي ويندو. آئون اٽي ۾ جهليل ماڻهو وڌيڪ خرچ جو ٻڌي منهنجا هٿ پير ٺري پيا. مون انهي دعوت تان ئي هٿ کنيو. ٻيو مرحلو هو ڪيڪ وٺڻ جو آئون پٽڪو ٻڌي ويس ڪيڪ وٺڻ ڪيڪ جا اڍائي هزار ٻڌايائون. ڪيڪ مٿان ڪشمڪش، بادام، ڊاک ۽ ڪاجو لڳائي شو ڪرڻ جو سوچيم ان جا چيائون هزار روپيا اهو ٻڌي منهنجا هڪڙا پگهر نڪرن پيا ٻيا سڪن پيا. مون طريقو نمبر 13 اختيار ڪيو. ڪلو معدو وٺي گهر ۾ ڪيڪ ٺاهيم. اٽي مان ڪشمش، بادام، ڊاکون ۽ ڪاجو ٺاهي سڪائي انهن جا رنگ لڳايم اهي ڪيڪ مٿان لڳائي، ان مٿان ٽائيم ٽيوي ۽ پنهنجي اخبار جا لوگو لڳائي سنگت کي گهرايم. مقامي مفت واري سڄي سنگت اچي وئي پر ادارن وارا دوست ڪو نه پهتا. هڪ ته منهنجو ڳوٺ پري هو ٻيو اهي صاحب ادارن جي ڪم ۾ قابو هئا. انهن معذرت ڪئي. اسان ڪيڪ ڪاٽي، کائي موج مستي ڪئي ۽ ٻنهي ادارن جي اعليٰ ڪارڪردگي تي ڳالهايو. خاص ڪري علي قاضي صاحب جي خدا داد صلاحيتن تي کيس سلام ڪيو. جنهن ٿوري عرصي ۾ انهن ادارن کي سڀني کان اڳيان ڪري آسمان تي پهچايو. انهي خوشي ۾ اسان ڀنگ مان هٿ ڪڍي ٺري جا جام پي جام ڊانسون ڪيون. پروگرام ختم ڪري آئون گهر پهتس طوطن ۽ طوطن ماءُ ستا پيا هئا. آئون سوچڻ لڳس شابش هجي ٽائيم ٽيوي ۽ پنهنجي اخبار کي جيڪي گهر ويٺي اسان کي ديس جا درد، مسئلا ۽ وارداتون ٻڌائين ٿا. اسان جي قومي ڏهاڙن، ثقافتي ڏهاڙي ۽ اسان کان وڇڙي ويل قومي هيرن جا ڏهاڙا ملهائين ٿا. مون ٻئي هٿ مٿي ڪري هڪ دفعو وري به علي قاضي صاحب ۽ سندس ٽيم کي مڃتا طور سلام پيش ڪيو. مون کي شاهه سائين جو هي بيت ياد اچي ويو.
جت نه پکي پير تت ٽمڪي باهڙي
ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کير ري. (شاهه)