صدرجي ڀٽيون ( ن پ ا) صدرجي ڀٽيون لڳ هادل شاهه ۾ پيراڻي حويلي ڪم تي ويندي رستي مان اغوا بعد اجتماعي ڏاڍائي بعد انتهائي بيدردي سان قتل ٿيل معصوم نينگري مونيڪا لاڙڪ ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، مک جوابدار عبدالله عرف عبلي لاڙڪ جي نشاندهي تي گرفتار ٻن جوابدار سليم شر ۽ منصور شر بابت پوليس جي اهم ذريعن مان ڄاڻ ملي آهي ته ليبارٽري ۾ موڪليل ڊي اين اي سيمپل وارا جزا ميچ ٿي ويا آهن. ياد رهي ته 11 جنوري تي معصوم مونيڪا لاڙڪ جو زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو هو جنهن جو لاش ڪيلن جي باغ مان هٿ آيو هو.