مونس الاهي خان جي سياسي تابوت ۾ آخري ڪوڪو هڻي ڇڏيو؟

0
241
دهشتگردن جي نشاني تي آيل حڪمران جماعتون

 تاريخ هميشه انهن کي ياد رکندي آھي جيڪي ملڪ قوم جي مفادن کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪندا آھن. ذاتي مفادن کان هٽي قومي مفادن کي اهميت ڏني وڃي. هن وقت جڏهن خانصاحب سمجهي ئي ٿو ته ملڪ جي معيشت تباهي جي ڪناري تي پهتل آھي ملڪ مٿان دنيا جو اعتبار کڄندو ٿو وڃي. سرماياڪار ملڪ ۾ سرمايو نه ٿا هڻڻ چاهن . ملڪ ۾ غيريقيني واري صورتحال آھي. حڪومت به سمجهي ٿي ته ملڪ  سان اهي مسئلا درپيش آھن. انهن مسئلن جي حل لاءِ سياسي استحڪام ضروري آھي. سياسي استحڪام صرف ڳالهين وسيلي اچي سگهي ٿو پر افسوس ان ڳالههه جو آھي جو اسان جا سياستدان پنهنجي انا جي بقا لاءِ  ملڪ لاءِ نه پيا سوچن. جيڪڏهن ٿوري ڪس ڪسر کائي ملڪي مفادن ڪاڻ ڪي فيصلا ڪجن ته ان ۾ نه صرف انهن سياسي پارٽين پر ملڪ ۽ قوم جو به ڀلو ٿيندو. خانصاحب سرپرائيز ڏيڻ جو ماهر آھي ماضي ۾ به سرپرائيز ڏيڻ جون ڳالهيون ڪري خانصاحب سڀني کي پنهنجي سرپرائيز واري ٽرڪ جي بتي جي پويان لڳائيندو رهيو آھي پر عين موقعي تي اهڙي ته ڳالههه ڪري ويهندو هو جو سڀ هڪ ٻي جو منهن ڏانهن ڏسندا رهجي ويندا آھن. پنڊي واري جلسي کان پوءِ پوري ملڪ کي جمعي جي ڏينهن جو وڏي شدت سان انتظار هو ته خانصاحب پنجاب ۽ خيبر پختونخواه اسيمبلين جي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ وارو آھي. پنجاب جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي خانصاحب جنهن انداز سان حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي تي ڇوھ ڇنڊيا ان مان ڪا نئين ڳالههه ٻڌڻ لاءِ نه ملي ڇو ته هر مخالف پارٽي حڪومت مٿان تنقيد ان انداز سان ئي ڪندي آھي. عمران خان پنهنجي خطاب ۾ حڪومت کي نئين اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ جي شرط تي ڳالهين جي آڇ ڪئي آھي. هاڻي ڏسجي ته حڪومت کيس ڪهڙو جواب ڏئي ٿي؟ رانا ثناءُالله ته اڳ ئي نئين اليڪشن جي تاريخ 2023ع جي آخر ٽماهي جي ڏئي چڪو آھي. سوچڻ جي ڳالهه اها آھي ته خانصاحب اڄ اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڇو نه ڪيو.

سياست به عجيب راند آھي. ڪڏهن تولو ته ڪڏهن ماسو. ڪڏهن روح راڳن ۾ ته ڪڏهن بيتن کان بيزار. سياسي حالتون مٽجڻ ۾ دير ناهي لڳندي.اهڙي ريت سياسي تعلق به ڪڏهن تبديل ٿين ٿا ڪنهن کي ڪا به خبر ناهي هوندي. عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جون حڪومتون ختم ڪرڻ جو اعلان ڇا ڪيو سڄي ملڪ ۾ ٻڙڌڪ مچي ٿو. قانوندانن آئين جي اٿل پٿل شروع ڪري ڏني اهڙي شق ڳولڻ جي ڪوشش ڪيائون جنهن ۾ اهو لکيل هجي ته ٻن صوبائي اسيمبلين جون حڪومتون ختم ٿين ته ان صورت ۾ سڄي ملڪ ۾ نئين اليڪشن ڪرائي وڃي پر مان سمجهان ٿو ڪنهن کي به اهڙي شق نه ملي. اخلاق جي وڏي مرتبي تي پهتل ماڻھن وري اخلاقيات جو درس ڏيندي نئين اليڪشن جون ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون آھن.26  نومبر تي جيئن ئي عمران خان راولپنڊي ۾ پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جي غيرموجودگي ۾ اسيمبلين مان نڪرڻ جو اعلان ڪيو ته ان ويل ڪافي ماڻھن جي ذھنن ۾ اهو سوال اٿڻ لڳو ته پرويز الاهي پنهنجي صوبي ۾ خانصاحب جي جلسي ۾ شرڪت نه ڪئي ان صورت ۾ چوڌري صاحب پنجاب اسيمبلي ڪيئن ٽوڙيندو. هر ڪو ان پرولي کي پرکڻ ۾ لڳي ويو ته مٿان مونس الاهي ٽوئيٽ ڪري سڀني جو وات بند ڪري ڇڏيو ۽ پرويز الاهي به خانصاحب جي حڪم جي تعميل ۾ تِر برابر به نه گسڻ جو وچن ورجايو. ننڍي چوڌري جي بيان کانپوءِ پ پ پ ۽ نواز ليگ جنهن انداز سان آصف علي زرداري کي لاهور ۾ ٽڪائي ڇڏيو ان مان اهو تاثر ملي پيو ته راند ايڏي سوکي ناهي جيڏي خانصاحب سمجهي پيو. جيترا وات اوتريون ڳالهيون ان ڪري هن وقت ملڪي سياست جو مرڪز پنجاب کي سمجهيو وڃي ٿو ڇو ته پنجاب ۾ خانصاحب پنهنجي سڀني وفادارن کي ڇڏي پرويز الاهي کي وڏ وزارت انعام طور ڏني.

چوڌري برادران لاءِ اهو مشھور آھي ته اهي طاقتور ڌرين جا سچا ساٿي آھن. ان ڪري اهي سڀ ڪجههه برداشت ڪري سگهن ٿا پر فوج جي خلاف نه ٿا وڃي سگهن. ڪجهه گهڙين لاءِ سڀ حيران ۽ پريشان هئاسين ته عمران خان طاقتور ڌرين کي مختلف لقب ۽ نالن سان سڏيندو رهيو تنهن هوندي به پرويز الاهي تحريڪ انصاف پاران وڏ وزارت ڇو ورتي؟ جڏهن ته ساڳي ڪرسي پي ڊي ايم ۽ پ پ پ پاران به سوکڙي ڪري پيش ڪئي وئي هئي. آخري وقت ۾ ننڍي چوڌري ڪهڙي مجبوري تحت قلابازي کائي عمران خان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺو. پنجاب جي ننڍين چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي اچانڪ ايڏي وڏي ڪاميابي ڪيئن ڪاميابي ملي وئي؟ هاڻي جڏهن مونس الاهي جون ڳالهيون منظرعام تي آيون ته ان مان اهو ثابت ٿيو چوڌرين پنهنجون وفاداريون تبديل نه ڪيون بس اسان سمجهڻ ۾ ڀل ڪئي. اسان باجوه صاحب جي راند نه سمجهي سگهياسين. بهرحال خانصاحب جي اسيمبليون نه ٽوڙڻ واري اعلان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته خان جي رڌڻي ۾ رولو پئجي ويو آھي. جنهن جو اهم سبب باجوه صاحب مٿان ٿيل تنقيد آھي. فوج هڪ منظم ادارو آھي. دنيا جي هر منظم اداري جو اصول رهيو آھي ته فردن جي تبديلي سان پاليسيون تبديل ناهن ٿينديون باقي انتظامي تبديليون اڻٽر هونديون آھن. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته قمر جاويد باجوه جي وڃڻ کانپوءِ فوج جي پاليسي ۾ جلدي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا تبديلي نظر نه ٿي اچي پر انتظامي تبديليون ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. ننڍي چوڌري به سمجهيو ته جنهن ماڻھو مون کي خانصاحب جو ساٿ ڏيڻ لاءِ چيو هاڻي ان ماڻھو تي جڏهن خان ۽ سندس ساٿين پاران ڇتي تنقيد ڪئي وڃي ٿي اها ڳالهه سٺي ناهي. مٿان وري پي ڊي ايم خانصاحب جي وار کي خطا ڪرڻ لاءِ کيس ساڳي پگهار تي هلائي سگهي ٿي. سياسي حالتن جي تبديلي سان خانصاحب جو گهيرو تنگ ٿيندي نظر اچي ٿو. خانصاحب جي ڪيل ڳالهين کي ورجائڻ مناسب نه ٿو سمجهان باقي جيڪو خانصاحب مهڻي طور ٻين لاءِ جيڪي جملا استعمال ڪندو  رهيو آھي اهي سڀ ڳالهيون آئيني جيئان صاف سندس آڏو آيون آھن.