گهوٽڪي (رپورٽر) سنڌ جي تاريخي ماڳ ماٿيلو مومل جي ماڙي لڳ ڳوٺ پيارو ڪولاچيءَ ۾ مشھور صوفي راڳي ڌڻي بخش ڪولاچي گهڻو عرصو بيمار رھڻ بعد 62 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. جنازي نماز ۾ صوفي راڳين کان علاوه علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مرحوم جي مڙهه کي اباڻي قبرستان عبدالمومن شاھ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. صوفي راڳي ڌڻي بخش ڪولاچي جي لاڏاڻي تي ناليواري ليکڪ عبدالحئي ڀٽو ۽ درگاھ صوفي فقير غلام قادر وسير جي گادي نشين صوفي محب فقير وسير ڏک جو اظھار ڪندي چيو ته ڌڻي بخش ڪولاچي صوفياڻي راڳ جي صورت ۾ سڄي زندگي تصوف جي پرچار ڪندي گذاري.