لاهور/لنڊن(شوبز نيوز) فلم “دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ جي رليز جي 13 ڏينهن کانپوءِ به باڪس آفيس تي شاندار موٽ جو سلسلو جاري آهي. فلم عالمي سطح تي بالي ووڊ جي 2 وڏين فلمن کي باڪس آفيس تي پوئتي ڇڏي هڪ اهم رڪارڊ قائم ڪيو آهي. اڪشي ڪمار جي فلم رام سيتو ۽ اجي ديوگن ۽ سڌارٿ ملهوترا جي فلم “ٿينڪ گاڊ” کي ڏياري جي موقعي تي رليز ڪيو ويو. ٻنهي فلمن ڀارت ۾ پهرين ڏينهن سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري پر عالمي سطح تي گهڻي متاثر ڪندڙ ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيون. بالي ووڊ فلمن جي تجزيڪار ڪومل نيهتا ٽوئٽر تي آگاهه ڪيو ته ڀارتي فلم رام سيتو ۽ ٿينڪ گاڊ ڏياري جي موقعي تي ڀارت ۾ پهرين ڏينهن باڪس آفيس تي ڪامياب رهيون پر ٻنهي فلمن جو ٻاهرين ملڪ ۾ خراب حال رهيو ۽ پاڪستاني فلم مولا جٽ پنهنجي رليز جي 13 هين ڏينهن به بالي ووڊ جي ٻنهي فلمن کان وڌيڪ بزنس ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي. فلم “دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ جي ڊسٽري بيوٽر نديم مانڊوي والا ان خبر تي پنهنجو ردعمل ڏيندي لکيو ته اهو هر پاڪستاني لاءِ فخر جو لمحو آهي.