مولانا “وفائي” جون صحافتي، علمي ۽ ادبي خدمتون

0
142
مولانا “وفائي” جون صحافتي، علمي ۽ ادبي خدمتون

 دين محمد وفائي، دين محمد ولد خليفو حڪيم گل محمد ڀٽي، 27 رمضان المبارڪ، 1311هه مطابق 14 اپريل 1893ع تي تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور جي ڳوٺ نبي آباد ۾ پيدا ٿيو. غير معمولي ذهانت، سمجهه ۽ هوشياريءَ سبب ننڍپڻ ۾ ئي عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڀڙ ٿي ويو. فارسيءَ جو سڄو نصاب “سڪندر نامه”، “نظامي”، “بهار دانش”، “انشاء فارسي” ۽ عربيءَ ۾ “منطق ڪبريٰ” ۽ ٻيو علم جلدي حاصل ڪيائين. مولانا تاج محمد امروٽي، پير رشد الله جهنڊي وارو ۽ مولانا عبيد الله سنڌي ۽ ٻين جي صحبت مان فيض حاصل ڪيائين.مولانا صاحب جي علمي، ادبي ۽ صحافتي زندگيءَ ۾ سندن لکڻ جو سفر صحافت ذريعي 1918ع ۾ “الڪاشف” رسالي کان ٿيو. “الوحيد”، ”آزاد“، “الحزب” ۽ ٻيا ڪيترا رسالا سندن قلم هيٺ رهيا. ساڳئي وقت مختلف مذهبي، تاريخي، سياسي، علمي ۽ ادبي ڪتاب پڻ تصنيف ۽ تاليف ڪندا رهيا. “وفائي” سندن شاعريءَ جو تخلص آهي. سندن شاعري مذهبي هئڻ سان گڏ سماجي براين جي خلاف ۽ قومي جاڳرتا جو سبق ڏيندڙ آهي. سندن ڪتابن جو ڳاڻيٽو 60 تائين آهي، جن ۾ “حيدرِ ڪرار رضه”، “خاتونِ جنت”، “توحيد اسلام”، “هندو ڌرم ۽ قرباني”، “مير محمد عربي”، “سيرت النبي صه”، “الهام الباري”، “لطف الطيف”، “تذڪره مشاهيرِ سنڌ”، “الهامِ ڪرامين”، “مقصدِ زندگي”، “لاجواب تحرير”، ۽ ٻيا آهن، جن جا موضوع تفسير، حديث، فقه، تاريخ، فلسفو، تصوف ۽ ادب آهن. دين محمد وفائي اهِل قلم، مردِ مجاهد، بي باڪ صحافي ۽ سياست جو ڄاڻو هو. مولانا عبيد الله جي هٿ هيٺ سندس سياسي تربيت ٿي. 1920ع ۾ “جميعت العلماء سنڌ” جو ناظم مقرر ٿيو. هن جي ادب سان پڻ وڏي دلچسپي هئي. مهراڻ ٽه ماهي رسالي سان سندس گهرو ناتو هو، مهراڻ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر هو. سندن رسالو “توحيد” پڻ بلند معيار جو علمي، ديني ۽ ادبي رسالو هو. مارچ 1920ع کان “الوحيد” اخبار ڪراچيءَ مان جاري ڪيائين، جنهن جو 15 جون 1936ع تي “سنڌ آزاد نمبر” مثالي حيثيت رکي ٿو. تذڪره مشاهيرِ سنڌ: سوانحي ادب ۾ مولانا جي هيءَ شاهڪار تصنيف آهي، سنڌ جي مشاهيرن، عالمن ۽ تاريخ ساز شخصيتن جي سوانحي احوال سان سجايل هن ضروري احوال لاءِ دين محمد وفائيءَ ڪيترائي ڪتب خانا ڀيٽيا، تقريبن هر ڳوٺ هر شهر سان واسطو رکندڙ شخصيتن کي هن ڪتاب ۾ آندو اٿن.

مولانا صاحب هن ڪتاب ۾ ڪيترن اهم ماڻهن جون سوانح ڏنيون آهن. لکيو اٿن ته، “هن سلسلي ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ سنڌ جي بزرگن جون حياتيون قلمبند ڪري چڪو آهيان ۽ اٽڪل پنج سئو بزرگن جون سوانح عمريون ذهن ۾ موجود آهن، جن جي جمع ڪرڻ جو ڪم آهسته آهسته جاري آهي”.

وفائي صاحب کي شاهه لطيف جي شاعريءَ سان اُنسيت هئي. پنهنجن ٻن اهم لطيفي ڪتابن “لطف الطيف” ۽ “شاهه جي رسالي جو مطالعو” ۾ شاهه جي شاعريءَ جي مختلف پهلوئن جي عڪاسي ڪئي اٿن.

لطف الطيف جو 1950ع ۾ پهريون ڇاپو مهراڻ پبلشنگ ڪمپنيءَ ڇپايو ۽ پوءِ به ڇپجندڙ ڪتاب رهيو آهي، جو هيءُ ڪتاب هائير ڪلاسن جي نصاب ۽ خاص طور تي بي اَي آرٽس ۽ ٽريننگ ڪاليج جي ڪورسن ۾ مقرر رهيو. تيرنهن بابن تي مشتمل لطف الطيف ۾ شاهه لطيف جي سوانح، حسب نسب، تعليم ۽ تربيت، سلسله طريقت ۽ بيعت، شاهه جو مذهب ۽ عقيدو، رهڻي ڪهڻي ۽ ٻيا موضوع آهن. ماخذ طور مولانا صاحب مرزا قليچ، سانگي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ترتيب ڏنل رسالن کي ڪم آندو آهي. پاڻ مولانا سرڪيڏارو کي شاهه جو ڪلام تسليم نه ڪندي لکيو آهي ته، “هن کوجنا کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ هيترو ته ثابت ٿئي ٿو ته سر ڪيڏاري بابت يقيني طرح سان چئي ئي نه سگهبو ته ڪو شاهه صاحب جو چيل آهي پر جيڪڏهن هيئن چيو وڃي ته شاهه صاحب جو چيل ئي نه آهي ته ڪنهن حد تائين درست ٿي سگهي ٿو”. لطف الطيف مولانا صاحب جي حياتيءَ جي آخري تصنيف آهي.

شاهه جي رسالي جو مطالعو: اهو ڪتاب وفائي صاحب جي وفات بعد وفائي پبلشنگ هائوس 1962ع ۾ ڇپايو. ستن فصلن تي مشتمل هن ڪتاب جي فصلن جا عنوان، شاهه جي وقت ۾ سنڌ جي انقلابي حالت، شاهه جي وقت ۾ سنڌ وارن جي رهڻي ۽ گذران حالت، سنڌ  ۾ اميري ۽ غريبي، سنڌ جا پکي، سنڌ جا ڪي ٻيا جانور، شاهه جو ڪلام ڪيئن گڏ ڪيو ويو. رسالي ۾ ڌاريون ڪلام.

هيءُ ڪتاب شاهه لطيف جي شاعريءَ جي حوالي سان ڪلهوڙن جي دور جي واقعن کان وٺي شاهه جي دور جي نامور شاعرن جي ڪلام ۽ شاهه جي نج ڪلام تائين جي ذڪر تي محيط آهي، جنهن ۾ سنڌ جي سماجي زندگي، تهذيب ۽ ثقافت لطيف جي شاعريءَ جي حوالي سان ڄاڻايون ويون آهن. دين محمد وفائيءَ شاهه لطيف جي حياتيءَ ۽ شاعريءَ جي باري ۾ ٻه ڪتاب ڏنا، جن جي هڪ حيثيت آهي. ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ مقالو ”سنڌ ۽ سنڌي زبان“ ۾ لکيو اٿن ته، “سنڌي زبان جي سوڌڻ لاءِ به ساڳي سڌريل قومن واري واٽ ورتي ويندي ته ان ريت نه فقط ٻوليءَ ۾ سڌارو ٿيندو، پر ايترو وڏو واڌارو به ٿيندو، جهڙو ٻين جاندار قومن جون زنده زبانون ڪري رهيون آهن”.

57 سالن جي حياتيءَ کي دين محمد امر بنايو، سندس پوئنيرن ۾ پڻ علي نواز وفائيءَ جو نالو ادب جي ميدان ۾ مشهور آهي، فقير منش دين محمد 10 اپريل 1950ع تي وفات ڪئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ سندن صحافتي علمي ۽ ادبي خدمتون هميشه قائم رهنديون.