شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروهي) پاڪستان ۾ حڪومتون  الله جي دين کي نافظ ڪرڻ کان گهٻرائينديون آهن، اسلام جا اهي نمائندا بڻجي رهيا آهن، جيڪي اسلام جي الف کان به واقف ناهن، ڪوڙي زبان کي اسلام جو نالو وٺڻ جو ڪو به حق ناهي، اسان کي ان نظريي سان جنگ آهي، منزل تي پهچڻ وارا آهيون،اهڙو خيال جو اظهار شڪارپور ۾ “جمعيت ڪانفرنس” کي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان خطاب ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته انهن جون شڪلون ڏسو ڇا انهن جون شڪلون رياست مدينا سان ملن ٿيون، پاڪستان اسان جو وطن آهي، قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ ان نظام کي سڌارينداسين، انهن جو گندو ڪردار آهي، نه توهان جي شڪل، نه توهان جو اخلاق، ڪهڙي ڪارڪاردگي آهي تنهنجي ، اڄ توهان جنهن مهانگائي لاءِ روئي رهيا آهيو، ان مان نڪرڻ لاءِ اسان جهدوجهد ڪري رهيا آهيون، فرلانگ مارچ کي لانگ مارچ جو نالو ڏئي رهيا آهن، هڪ هفتي ۾ لاهور کان گجرانوالا پهتا، اڄ تائين خبر ناهي پئي، گولي هلي يا گولي لڳي. مولانا فضل الرحمان چيو ته هن مهيني جي آخر ۾ ڪراچي ۾ سيمينار ڪبو، عمران مغربي ايجنڊا کي پورو ڪرڻ لاءِ جتن ڪري رهيو آهي، مقابلي ۾ جي يو آءِ ميدان ۾ لٿل آهي،اهڙي ڪردار جا مالڪ پاڪستان ۾ سياست ڪن ٿا، ٻين کي چور چور چئي رهيا آهن، ڪاغذ لهرائي چوي ٿو آمريڪا سازش ڪئي آهي، جي يو آءِ سڄي دنيا ۾ مغربي دنيا ۽ آمريڪا خلاف مهم هلائي آهي، عمران چوي ٿو آمريڪا سان ڪابه دشمني ناهي هو رڳو دوستي ٿو چاهي، صبح جو هڪ ته شام جو ٻيو بيان ڏئي رهيو آهي، اها خبر ناهي ته اسلام آباد ايندو يا نه، 2014 ۾ پي ٽي آءِ ڌرڻو هنيو هو، ان وقت چين جو صدر ميگا پيڪيج لاءِ اچي رهيو هو، ڪنهن جي چوڻ تي رستو روڪيو، آمريڪا نه پيو چاهي چين اچي ۽ سيڙپڪاري ڪري، اڄ جڏهن سعودي جو ولي عهد اچي رهيو آهي، ته عمران جو روزانو فرلانگ اچي رهيو آهي، 21 نومبر تي سعودي بادشاهه جي اچڻ تي عمران به لانگ جو 21 نومبر تي اعلان ڪيو، ڪهڙو سبب آهي، اسرائيل عمران ۾ اميد رکيون ويٺو آهي ته عمران حڪومت ۾ ايندو ته اسرائيل جي حيثيت کي تسليم ڪندو، نوجوان نسل کي گمراهه ڪيو پيو وڃي، اهڙي قسم جي سياست نه هلندي، انهن جي بد نما چهري تان نقاب لاهينداسين.حملا ته اسان تي ٿيا آهن، آپگهاتي حملا ٿيا، گهرن تي حملا ٿيا، راڪيٽ لڳا آهن، ساٿي شهيد ٿيا آهن. عمران چئي ٿو ته مان حقيقي آزادي لاءِ نڪتو آهيان هو حقيقي آزادي لاءِ نه پر بي حيائي لاءِ نڪتو آهي. چئي ٿو ته مان جهاد جي رستي ۾ آهيان، چئن سالن ۾ تون ڇا ڪيو، آءِ ايم ايف جي قانونن ۾ اضافو ڪري پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ پاڪستان جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو.  ھن چيو ته جميعت جي ڪوششن سان پاڪستان جي معيشت کي بهتر بڻائبو ۽ بنا وياج جي معيشت جو آغاز ڪبو عمران خان ھڪ ڪروڙ نوڪرين ڏيڻ جو دعويٰ پيو ڪري هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ بجاءِ ڪافي نوجوانن کي بي روزگار ڪري ڇڏيو آهي. ھن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو وزير اعظم توشا خاني جي چوري ڪئي آهي ۽ پوري دنيا جي اڳيان پاڪستان جو نالو خراب ڪيو ھن عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان کي وضو ڪرڻ جو طريقو نه ٿو اچي ۽ اسان کي دين سيکارڻ نڪتو آهي. ھن چيو ته عمران خان ڪشمير وڪڻي ڇڏيائين ۽ چئي ٿو سڀ ٺيڪ ٿي ويو آهي. جلسي کي مولانا راشد محمود سومرو، مولانا ناصر محمود سومرو، سينيٽر عبدالغفور حيدري، مولانا عبدالصمد ھاليجوي، مولانا عبدالله پھوڙ، مولانا عبدالله مھر سميت جي يو آئي جي ٻين اڳعا ن پڻ خطاب ڪيو.هوڏانهن پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جلسي کان اڳ جتوئي ھائوس پھتو، جتي  اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي ۽ امير علي جتوئي سان ملاقات ڪري ملڪي ۽ شڪارپور جي سياست تي خيالن جو اظهار ڪيو. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان جتوئي ڀائرن کي جي يو آءِ ۾ شموليت لاءِ دعوت ڏيڻ بعد بلدياتي اليڪشن ۾ ڪاميابي کانپوءِ عام اليڪشن به گڏ وڙھڻ بابت بهه ڳالهه ٻولهه ڪئي.