اسلام آباد: پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات فيصل ڪريم ڪنڊي مولانا فضل الرحمان جي پريس ڪانفرنس جي جواب ۾ رد عمل ڏيندي چيو آهي ته
مولانا فضل الرحمان پاڻ قومي اسيمبلي ۾ 2002ع ۾ پيپلزپارٽي جي اڪثريت باوجود قائد حزب اختلاف بڻجي ويو. جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان مصالحت چاهي ٿو ته پهرين ٻڌائي ته ڪنهن جي چوڻ تي لانگ مارچ کي استعيفائن سان نٿي ڪيو ويو. مولانا فضل الرحمان ٻڌائي ته پي ڊي ايم جي ايڪشن پلان تي عمل نه ٿيڻ جو ذميوار ڪير آهي؟ هن چيو ته مولانا پي ڊي ايم نالي سياسي اتحاد کي سياسي جماعت نه ٺاهيو ، سياسي اتحاد تي سياسي پارٽين جا ضابطا لاڳو نٿا ٿين. پ پ اڳواڻ چيو ته
حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته مولانا فضل الرحمان کي خبر ئي نه هئي ته شوڪاز نوٽيس پ پ ۽ اي اين پي کي جاري ڪرڻ بعد ليڪ ڪيو ويو. هن چيو ته اڪثريتي پارٽي کي حق حاصل آهي ته هو پنهنجي اپوزيشن ليڊر کي اپر ۽ لوئر ايوان ۾ آڻيندي. ن ليگ هر پارلياماني پوسٽ برقرار رکندي ٻين سياسي پارٽين تي پنهنجو ايجنڊا مسلط نٿي ڪري سگهي.