اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايشيا پيسفڪ ريجن جي پارليامينٽ جي ميمبرن جي  13 ۽ 14 سيپٽمبر تي ٿيل سيمينار جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾  چيو ويو آهي ته سيمينار ۾ آبادي جي غير محفوظ ۽ ڪمزور طبقن تي خصوصي طور تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، سيمينار ۾ چيو ويو ته ايشيا جي پارليامينٽيرينز کي ڪورونا وبا جي رڪوري منصوبن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڪمزور طبقن ۽ غريب ماڻهن جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ پارلياماني قدمن کي هٿي ڏيڻ گهرجي، موسمي تبديلي هڪ حقيقت آهي ان چيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايشيا پيسفڪ ريجن جي پارليامينٽرينز تي ٻڌل 23 ملڪن جي وفدن اجلاس ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي حالتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ روانڊا ۾ ٿيندڙ آءِ پي يو ڪانفرنس ۾ هنگامي قرارداد پيش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جيڪا ڪانفرنس آڪٽوبر 2022ع ۾ ٿيڻي آهي.