ڪراچي (ڪامرس نيوز) موسمي اثرن جي ڪري ملڪ ۾ انبن جي پيداوار ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي ۽ ايڪسپورٽ  جو هدف 25 هار ٽن گهٽايو ويو آهي. رپورٽ موجب موسمي تبديلي، بجلي ۽ ڊيزل جي کوٽ، پيڪيجنگ پراسيسنگ جي لاڳت ۾ واڌ ۽ ڀاڙي ۾ واڌ جي ڪري هلندڙ سال انبن جي آبادگارن کانسواءِ ايڪسپورٽر به پريشان آهن. ملڪ ۾ انبن جي پيداوار ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. ايڪسپورٽرز جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال انبن جي ايڪسپورٽ جي هدف ۾ 25 هزار ٽن گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ هڪ لک 25 هزار ٽن جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. جنهن سان 10 ڪروڙ 30 لک ڊالر آمدني جو امڪان آهي. هن سال 90 لک ٽن تائين انبن جي پيداوار جو امڪان آهي. گذريل سال اها پيداوار 18 لک ٽن هئي.