موسمي بگاڙ ۽ سنڌ

0
315

موسمي تبديلي جتي پوري دنيا کي پنهنجي خطرن جي لپيٽ ۾ آندو آھي، اتي ترقي يافته ملڪن جي ڀيٽ ۾ ترقي پذير ملڪ بري طرح سان متاثر ٿي رهيا آھن، جنھن جو مثال پنهنجو ملڪ پاڪستان آھي، جيڪو ماحولياتي بگاڙ آڻيندڙ گرين ھائوس گئسز ۾ ھڪ سيڪڙو کان  به گھٽ حصو خارج ڪري ٿو، پر جرمن واچ، انوائرنمينٽل اين جي او موجب ماحولياتي خطرن جي ڪري وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شامل آھي. بگڙجندڙ ماحولياتي سسٽم جتي ھن ملڪ جي ھر صوبي کي وڌندڙ گرمي پد، ان سان وابسته ھيٽ ويوز، ٻوڏون، بي ترتيب موسمي سسٽم، پاڻي جي کوٽ ۽ ٻيو سياسي توڙي معاشي ۽ سماجي نقصان رسايو آھي، اتي سنڌ، سندس جاگرافيائي بيھڪ جي لحاظ کان ملڪ جو ھيٺاھين وارو صوبو ھجڻ ۽ 65 سيڪڙو کان وڌيڪ خشڪ ايراضي ھئڻ ڪري تمام گھڻو ڀوڳي رھيو آھي. چاھي 2010ع وري مھا ٻوڏ ھجي، 2011ع واري اربن فلڊنگ، 15-2014ع واري قحط سالي يا 2015ع واري ھيٽ ويو، اھڙن ڊزاسٽرس ھن صوبي کي طرحين طرحين نقصان پھچايو آھي. ھلندڙ سال واريون معمول کان وڌيڪ پوندڙ چوماسي برساتون به اھڙي ئي ماحولياتي بگاڙ سان وابسته آھن، جن جي شدت ڪيئي سالن جا رڪارڊ ٽوڙي سالياني شدت کان  522 سيڪڙو وڌيڪ وسي، ھن ديس جي ماروئڙن کان اجھا کسي، کليل آسمان ھيٺ ھڪ ويلي جي ڳڀي لاءِ پريشان زندگي گذارڻ ۽ سموري زندگي جي ڪئي ڪمائي لوڙھي جبري لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو آھي.

صوبائي ڊزاسٽر اٿارٽي  PDMA  طرفان ھيل تائين جاري ڪيل ابتدائي انگن اکرن مطابق ھلندڙ تباهڪارين جو تخمينو 355 بلين روپيا کان وڌيڪ ھئڻ، 400 جي لڳ ڀڳ معصوم جانين جو ضايع ٿيڻ، 2 ملين ماڻھن جو بي گھر ٿيڻ ، تقريبن 2.72 ملين ايڪڙن تي بيٺل قيمتي فصل جو لڙھڻ، هڪ لک جي قريب مويشي جو متاثر ٿيڻ ۽ 5 لک جي ويجھو گھرن کي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو آھي. ھي تباھڪاري جيتوڻيڪ اڃا ھلندڙ آھي، تنھن ڪري ان بابت مختلف ماھرن طرفان جيڪي رايا ڏنا ويا آھن، تن مطابق ھن سال وارو ٿيندڙ نقصان ان کان اڳ وارين بربادين کان ڪيئي ڀيرا اڳڀرو ٿي سگھي ٿو. اھڙي خطرناڪ موسمياتي تبديلي جنھن جي اثر کان نه سرحدي حدون محفوظ آھن، نه ملڪ بچيل آھن، نه ڪي شھر رھيل آھن ۽ نه ئي وري ڪي واھڻ ۽ وستيون بچيل آھن. سو اسان سڀني تي مختلف طريقن سان اثرانداز ٿي رھيو آھي، ان ۾ امير توڙي غريب سڀئي سندس خطرن کي منھن ڏئي رھيا آھن. اھڙي بگڙيل موسمياتي تبديلي جو مطالعو ڪرڻ ضروري آھي ته جيئن سندس اثرن کي گھٽائي، جاني ۽ مالي نقصان کي قابو ۾ آڻي سگھجي.

موسمياتي بگاڙ پنھنجي صوبي سنڌ کي ڪيترن ئي اثرن ذريعي متاثر ڪري رھيو آھي. انھن ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرو وڌندڙ ھيٽ ويوز جو آھي. گرين ھائوس گئسز جي ڪري وڌندڙ گرمي پد ھن خطي ۾ ھيٽ اسٽروڪ کي وڌائي جيئڻ مشڪل بڻائي رھيو آھي. ان جو مثال پاڻ سال 2015ع کان وٺي ملڪ ۾ مسلسل ھيٽ ويوز جي صورت ۾ ڏسي سگھون ٿا، جنھن ۾ نوابشاھ شھر  30 اپريل2018ع تي پوري زمين تي 52 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد سان وڌيڪ گرم رھيو. گڏوگڏ موسمي سائيڪل ۾ بي ترتيب ردوبدل به ماحولياتي تبديلي سان وابسته آھي، جنھن سان پاڻ وٽ اونھاري جي ڏينھن ۾  وڌيڪ اضافو ۽ سياري جي ڏينھن ۾ ڪمي پر سردي جي شدت ۾ وڌيڪ اضافي سان  ڏسي سگھجي ٿو. اھڙو عمل نه فقط انسانن کي ايذائي رھيو آھي پر جانور ۽ زرعي فصل  به سندس اثر محسوس ڪندي مختلف مشڪلاتن مان گذري رھيا آھن. موسمي تبديلين جو اثر پگھرجندڙ گليشيئرس جي ڪري ڪوسٽل ايراضي وارن علائقن لاءِ ھڪ وڏي خطري کي جنم پڻ ڏئي رھيو آھي، جنھن بابت رپورٽس اھي آھن   ته سال 2060ع ڌاري ڪراچي ۽ ان جي ڀر وارا ٻيا ساحلي علائقا مڪمل طور تي سمنڊ جي پاڻي جي چاڙھ ۾ اچي سگھن ٿا. اھڙي عمل سان نه فقط انڊس ڊيلٽا متاثر ٿيندي پر منجھس جنم وٺندڙ ميرين لائف ۽ ان تي ڀاڙيندڙ فشريز طبقو پڻ بري متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاھر ڪريو پيو وڃي.

بگڙيل موسمي صورتحال صوبي جي زرعي علائقن لاءِ به نقصانڪار آھي. سنڌ جي زراعت جنھن جي ھاڪ ھنڌين ماڳين مشھور آھي، سا ماحولياتي اثر ھيٺ پاڻي جي لاھ چاڙھ، پاڻي جي ڪمي، آبھوائي گدلاڻ ۽ زمين جي پيداواري صلاحيت ۾ ڪمي جي ڪري فصلن جي پيداوار ۾ ڪمي ٿي سگھي ٿي. ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ اھڙي خطري جو اظھار پنھنجي ھڪ رپورٽ ۾ ڪندي ھيئن ٻڌائي ٿي ته جيڪڏھن گلوبل ٽيمپريچر ۾ 0.5 کان 2 ڊگري سينٽي گريڊ واڌ آئي ته اھا زرعي پيداوار کي 8 سيڪڙو کان 10 سيڪڙو گھٽائي سگھي ٿي. انفرااسٽرڪچر جون تباھ ڪاريون پڻ بگڙيل ماحولياتي اثرن سان ڳنڍيل آھن، جن ۾ بي ترتيب موسمي سائيڪلز ۽ ٻوڏون ھن خطي جي روڊن، رستن، عمارتن ۽ انڊسٽريز کي متاثر ڪري رھيون آھن. اھڙن خطرن جي پيش نظر ورلڊ بئنڪ مطابق ماحولياتي تبديلي سنڌ جي جي ڊي پي کي 14 سيڪڙو ڌڪيو آھي جيڪو قومي طور تي ٿيندڙ نقصان ۾ گھڻو شيئر آھي. ان سان گڏ ماحولياتي تبديلي، سنڌ جي صحرائي علائقن خاص طور تي ٿرپارڪر، اڇڙو ٿر ۽ نارا ڊزرٽ ۾ قحط سالي کي به وڌايو آھي. جنھن سان انھن علائقن ۾ ڪيترين ئي معصوم جانيون غذا جي کوٽ جي ڪري ضايع ٿيون آھن ۽ مويشي جو چارو نه ھئڻ ڪري مري رھيا آھن ۽ مالوند ماڻھو مختلف تڪليفن کي منھن ڏئي رھيا آھن.  موسمياتي تبديلي بيمارين کي وڌائڻ ۾ پڻ پاڻ ملھايو آھي. بگڙندڙ آبھوائي حالتون موسمي اثر ھيٺ متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ ڊينگي بخار، مليريا، ڪالرا ۽ گيسٽرو جي ڪيسز کي وڌائي رھيون آھن. ان کان علاوه صديون پراڻيون بيماريون جيڪي برفاني ڇپن ۾ غائب ٿيل ھيون، سي انھن گليشيئرز جي پگھرڻ ڪري نئين سر اڀري عالمي وبائن جا ڏيک ڏيئي سگھن ٿيون.

اھڙي صورتحال جي پيشِ نظر ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته سنڌ حڪومت مھلائتو موسمي بگاڙ کي روڪڻ لاءِ وڻڪاري کي ھٿي وٺرائي. صوبي ۾ موجود سولر ۽ ونڊ انرجي جي پوٽينشل کي استعمال ۾ آڻي، ڪوئلي تي ھلندڙ پاور پلانٽس ۽ فاسل فيول جو متبادل ڳولھي، صوبائي ڊزاسٽر اٿارٽي کي گھربل فنڊز، اسڪلز ۽ ٻيون سهولتون فراھم ڪري، ورلڊ بئنڪ طرفان ھلندڙ Sindh Resilience Project ۽ صوبائي ڪلائميٽ پاليسي 2022ع تي صحيح معنيٰ ۾ عمل ڪرائي ته جيئن رسورسز کي بھتر استعمال ڪري ٻين صوبن توڙي وفاق سان مڪمل سھڪار ڪري قومي ۽ عالمي ماحولياتي بچاءَ جا قدم کڻي ھن مصيبت کي روڪي سگھجي.