موسميات کاتي اڄ ڪراچي ۾ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

0
238

ڪراچي: موسميات کاتي اڄ ڪراچي ۾ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، ان سلسلي ۾ موسميات کاتي جو چوڻ آھي تھ ڪراچي ۾ اڄ شام گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي

چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز  موجب اڄ شام يا رات جي وقت گجگوڙ سان برسات ٿي سگهي ٿي، برسات جو اسپيل 14 آگسٽ تائين وقفي وقفي سان جاري رهندو

ٻئي پاسي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪربلا جي شھيدن جي ياد۾ ماتمي جلوس نڪري رھيا آھن ۽ مختلف علائقن ۾ سبيلون لڳايون ويون آھن پر اڪثر علائقن ۾ برساتي پاڻي بيٺل ھجڻ ڪري عزادارن کي سخت پريشانين جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي

ھي به پڙھندا

سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ عزاداري جاري، موبائيل سروس بند، سيڪيورٽي سخت