شرم الشيخ (م ڊ) موسمياتي تبديليون، گڏيل قومن پاران گلوبل ارلي وارننگ سسٽم بڻائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سڄي دنيا کي موسمياتي تبديلين سبب رڪارڊ برساتيون، طوفان ۽ ٻوڏ جا چيلنجز درپيش آهن، انهي سلسلي ۾ گڏيل قومن طوفانن کان خبردار ڪرڻ گلوبل ارلي وارننگ سسٽم بڻائڻ جو اعلان ڪيو آهي، مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ “ڪوپ 27 “ موسمياتي ڪانفرنس وزيراعظم شهبازشريف ۽ ناروي جي وزيراعظم جي گڏيل صدارت هيٺ ٿي، جنهن جو ڪالهه پڄاڻي واري سيشن ٿيو،ڪانفرنس دوران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته 5 سالن جي منصوبي تي 3 ارب ڊالرز جي لاڳت ايندي، گڏيل قومن موجب ناڪافي انفرا اسٽريڪچر وارن ملڪن ۾ آفتن سان ٿيندڙ موت جي شرح 8 گناهه وڌيڪ هوندي آهي. ڪانفرنس دوران سعودي ولي عهد محمد بن سلمان 10 سالن دوران گرين انيشيٽو لاءِ اڍائي ارب ڊالرز ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي ڪانفرس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب وڏي تباهي آئي، موسمياتي تبديلي جو بار شفاف طور تقسيم ڪرڻ گهرجي، هي موسمياتي انصاف جو معاملو آهي، موسمياتي تبديلين جو اثر سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقي تي پوندو آهي. سرڪاري خابرواداري اي پي پي موجب ڪانفرنس جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته اسان سڀ ان ڳالهه تي متفق آهيون ته موسمياتي تبديلي هن ڏهاڪي جو سڀ کان اهم بحران آهي، جنهن خلاف پنهنجي اجتماعي ويڙهه تاريخي لمحي ۾ آهي، خاص طور اسرندڙ ملڪ ۽ قومون انتهائي خطرن کي منهن ڏئي رهيون آهن. شهبازشريف چيو ته هاڻ اها سائنسي حقيقت آهي ته موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ اسانجي منصوبابندي کان ڪافي تيزي سان ٿي رهي آهي،  اها به هڪ حقيقت آهي ته ترقي پذير يا گهٽ ترقي وارا ملڪ فرنٽ لائين تي آهن، جن کي مدد جي ضرورت آهي، ڪيترائي ملڪ خاص طور آفريقي ملڪ جن کي تباهه ڪندڙ ڏڪار درپيش آهي، ڪمزور قومن جي گروپ ۾ اچن ٿا پر پوءِ به اسان وانگر گهٽ خرچ وارا ملڪ زندگي ۽ معاش جي حوالي سان بدلجندڙ خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن. وزيراعظم شهبازشريف چيو ته منهنجو پنهنجو ملڪ به انهي صورتحال مان گذري رهيو آهي، پاڪستان ۾ تباهه ڪندڙ ٻوڏ تيزي سان اسانجي ذهنن کي ان ڳالهه تي توجهه ڇڪرائي رهيا آهن ته اهڙي قسم جي موسمياتي تبديلي جا اثر سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقي تي پوندا آهن، اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته موسمياتي تبديلي ۽ تڪرار عورتن ۽ ٻارن سان گڏ  غريب ترين ماڻهن کي به متاثر ڪندا آهن. هن چيو ته وڌندڙ آبادي سبب دنيا کي وڌيڪ وسيلا گهربل آهن، اسان کي وسيلن کي زيان بدران ان جي بهتر استعمال تي ڌيان ڏيڻو پوندو، توانائي جي وڌندڙ قيمتن سبب پاڪستان جهڙا اسرندڙ ملڪ متاثر ٿي رهيا آهن. وزيراعظم شهبازشريف چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب وڏي تباهي آئي، معيشت کي 30 ارب ڊالرز کان وڌيڪ نقصان ٿيو، 40 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا، پاڪستان جو موسمياتي تبديلي ۾ هڪ سيڪڙو به حصو ناهي پر ان جي اثرن سبب وڏي تباهي جو شڪار ٿيو آهي، شهبازشريف چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بحالي ۽ رليف جو ڪم تيزي سان جاري آهي، دنيا کي ماحولياتي انصاف تي ڌيان ڏيڻو پوندو، ٻوڏ متاثرن لاءِ عالمي برادري جي وڌ ۾ وڌ مدد جي ضرورت آهي،اسان کي ايندڙ نسلن جي محفوظ مستقبل لاءِ قدم کڻڻا پوندا. وزيراعظم شهبازشريف جرمني سان واپار، سيڙپڪاري، ماحولياتي تبديلي ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ جرمني جي مختلف شعبن ۾ نوجوانن کي موقعا ڏيڻ لاءِ وڏي پيماني تي تعاون ڪرڻ گهرجي. اي پي پي موجب وزيراعظم شهبازشريف جرمني جي چانسلر اولاف شولز سان ڪانفرنس دوران ملاقات ڪئي، وزيراعظم جرمن چانسلر جو ڌيان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ڏانهن ڇڪايو ۽ چيو ته ڀارتي قدمن سبب علائقي امن ۽ استحڪام کي خطرا درپيش آهن. وزيراعظم يورپي يونين ۾ جي ايس پلس اسٽيٽس لاءِ حمايت تي جرمني جو ٿورو مڃيو. شهبازشريف چيو ته افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي صورتحال کي نظر ۾ رکندي عالمي برادري جي افغان عبوري حڪومت سان مسلسل ڳالهه ٻولهه انتهائي اهميت جوڳي آهي، جرمن چانسلر افعانستان ۾ نمائنده حڪومت ۽ انساني حقن جي احترام کي پنهنجي موقف جو ارادو ڪيو.