مورڙي مير بحر تي ميلو لڳائڻ جو اعلان: قبرن جي بيوٽيفڪيشن جو  ڪم تيز

0
398

ڪراچي: ڪياماڙي ضلعي انتظاميا مورڙي مير بحر تي ميلو لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي، مورڙي مير بحر ۽ سندس ڀائرن جي قبرن جي بيوٽيفڪيشن جو ڪم ھلندڙ آھي

ڊي سي ڪياماڙي پنهنجي پڌرائي ۾ چيو آهي ته مورڙي مير بحر تي ميلو لڳندو، مورڙي مير بحر ۽ سندس ڀائرن جي تاريخ ۽ ڪارنامن بابت دنيا کي آگاهه ڪنداسين

مورڙي مير بحر ۽ سندس ڀائرن جي قبرن جي بيوٽيفڪيشن جو ڪم مڪمل ٿيڻ بعد ضلعي  انتظاميا اتي ميلو لڳائيندي

City Secret – Moriro Mirbahar and his brothers' graves, Gulbai ChowkThe Karachi Walla

اهڙو اعلان ڊي سي ڪراجي جي شمس پير ڪاليج ۾ مورڙو مير بحر دي فائونڊر آف ڪراچي جي عنوان ھيٺ سيمينار ۾ ڪيو

ناليواري ليکڪ الھڏنو ڪاڪا جي لکيل ڪتاب ڏينهن مڙيئي ڏون جي مھورتي تقريب ٿي، جنهن ۾ ڊي جي ثقافت منور مھيسر، ناميارو محقق گل حسن ڪلمتي، زبيدا بيرواني  ۽ ٻيا شريڪ ٿيا

منور مهيسر چيو ته مورڙي تي ڪم ڪندڙ ڌرين سان رابطي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، مورڙو مير بحر تاريخ آھي جنهن  تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي  ضرورت آھي