مورو(ن پ ا) مورو شھر جي ٻانڌي روڊ سنڌ ڪالوني شاخ وٽ تيز رفتار مٽي سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي اسڪول ويندڙ  پھرئين درجي جي شاگرد معصوم جواد پٽ گلشير ڪوري کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو، حادثي بعد  ٽريڪٽر ڊرائيور فرار ٿي ويو، ٻي طرف وارثن پاران ٻارڙي جو لاش رکي روڊ بند تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين چيو ته هن روڊ تي ھر گاڏي وڏي اسپيڊ سان گذري ٿي، اسان بار بار منع ڪيو آھي پر ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، حادثا معمول بڻيل آهن، جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف پوليس مظآهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو.