مورو (ن پ ا) مورو شھر جي سکر مين  روڊ تي قائم نيو جمالي ٽائون جي رهواسي ھوٽل مالڪ راڻا عبدالستار راجپوت جي گھر ۾ 6 کان وڌيڪ هٿياربند داخل ٿي گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي گھر مان لکين رپيا ڪيش، سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پھچي گھر مالڪن کان تفصيل وٺي پيري جي مدد سان جاچ شروع ڪري ڇڏي،ٻي طرف متاثر  عبدالستار راجپوت ٻڌايو تہ گھر ۾ رات جو دير سان 6 کان مٿي ھٿيار بند داخل ٿي يرغمال بڻائي گھر مان 24 لک رپيا ڪيش، 7 تولا سون کڻي ويا آھن، هوڏانهن ايس ايچ او مورو قربان ڪلوڙ ٻڌايو ته اطلاع تي پھچي تفصيل ورتا آھن، پيرين جي مدد سان پيرا کڻي رھيا آھيون.