مورو (ن پ ا) موري ۾ فوڊ کاتي جون ڪارروايون جاري، چيڪ پوسٽ وٽ چيڪنگ دوران ڪڻڪ سان ڀريل ٽي ٽرالر سوگھا ڪري ورتا، 1500 ڪڻڪ جون ٻوريون ھٿ، پڪڙيل ٽرالرن کي پوليس تحويل ۾ وٺي گدام تي آڻي ڪڻڪ ضبط ڪري لاٿي وئي. ان موقعي تي فوڊ انسپيڪٽر علي نواز ميمڻ ٻڌايو ته ٽرالر پنو عاقل ۽ نوان جتوئي کان ڪراچي ڪڻڪ کڻي وڃي رھيا ھئا جن کي سوگھو ڪري ورتو آھي، سيڪريٽري فوڊ پاران ھڪ لک 80 ھزار ڪڻڪ جي ٻورين جو ٽارگيٽ مليل آھي جنھن کي پورو ڪري رھيا آھيون ھن وقت 50 ھزار ٻوريون گڏ ڪري چڪا آھيون ھڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي ڏانھن ڪڻڪ جي منتقلي تي پابندي ھجڻ باوجود واپاري ڪڻڪ ٻاھر کڻي وڃي رھيا آھن جيڪڏھن اسان سان سهڪار ڪن ته ٽارگيٽ پورو ڪري سگھجي ٿو.