مورو (ن پ ا) مورو شھر جي پير بخاري پاڙي سميت ٻين علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف رھواسين پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي استاد مور عمراڻي، الطاف جتوئي، ممتاز لاکو، سڪندر سومرو، اختر پروو، چيتن لال سوچي، ڀوجو لال سوچي، ھمزا لال ھيماڻي  ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شهر جا مختلف علائقا برساتي ۽ گندي پاڻي ۾ ٻڏل آهن، شڪايتن باوجود انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.