مورو (ن پ ا) مورو شھر جي وارڊ نمبر 13 گچيرو روڊ جي رھواسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ايس يو پي ڊويزن اڳواڻ ڄام اسلم ڪوريجو، محمد ياسين سومرو، محمد اسلم ڀٽي، مسرور احمد ڪورائي ۽ ٻين چيو ته پ پ  بلدياتي اليڪشن ۾ 23 ھين وارڊن مان ڪلين سوئيپ ڪيو آھي پر شھر گندگي جي ور چڙھي ويو آھي، 20 ڏينهن گذرڻ باوجود گچيرو روڊ جي وارڊ 13 مان برساتي نيڪال نہ ٿي سگهيو آهي،   گٽر اٿلڻ ڪري شھر جو گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل رھي ٿو، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽِس وٺي صفائي ڪرائي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.