مورو (ن پ ا) مورو قومي شاهراھ تي تيز رفتار ٽرالر جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر  ٿي پيو، نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان رحيم عرف ٺوڙھو ماڇي سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي مورو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي نوجوان زخمن جا سور نه سھندي دم ڏئي ڇڏيو، ھوڏانھن پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.