مورو (ن پ ا) مورو ڀرسان ڳوٺ خان محمد  عالماڻي مٺي جي کوھ جو رهواسي شاعر فقير اصغر جو ڀاڻج، تعمير حسين عالماڻي سولر پليٽن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب بيھوش ٿي ويو، جنھن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽر پاران نوجوان جي فوتگي جي تصديق ڪئي وئي، اسپتال مان نوجوان جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.