مورو (رپورٽ: وحيد مستوئي) مورو ڀرسان درس ٿاڻي جي حد ڳوٺ درس ۾ وڏيري محمد خان ابڙو جي زرعي زمين تي ڪتن پاران ڏاڙھي ماريل  نوجوان جي 2 ڏينھن گذرڻ باوجود سڃاڻپ نه ٿي سگھي آھي، پوليس پاران ضروري ڪارروائي بعد  لاش کي ايڌي رضاڪارن حوالي ڪيو ويو، ايڌي رضاڪارن غسل ڪفن ڏئي امانت طور لاش دفنائي ڇڏيو،جڏھن ته درس ٿاڻي تي محمد خان ابڙو جي فرياد تي فوتي نوجوان سميت 3 نامعلوم ماڻهن تي چوري ڪوشش جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته منھنجي زرعي زمين تي منھنجا ھاري ستل ھئا، جتي سولر پليٽون چوري ڪرڻ جي ارادي سان ايندڙ 3 نامعلوم جوابدارن چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته منھنجي ڌاريل ڪتن ڀونڪڻ سان گڏ پيڇو ڪيو ۽ ھڪ جوابدار کي ڏاڙھي چيري ڦاڙي ماري وڌو، جڏھن ته سندس 2 ڄڻا فرار ٿي ويا. ان حوالي سان ايس ايچ او درس عبدالمنعيم لاڙڪ ٻڌايو ته اسان فريادي جي فرياد تي ڪتن ڏاڙهڻ سبب مارجي ويل  نوجوان سميت ٽن نامعلوم چورن تي ايف آءِ آر داخل ڪئي آھي ۽ معاملي جي جاچ ڪريون پيا.