مورو (ن پ ا) موري ويجھو ڳوٺ درس ۾ گھر اندر ناري صائمه ڌيءَ فيض محمد ابڙو پراسرار نموني رپيٽر جي گولي لڳڻ سبب فوت ٿي وئي، اطلاع تي درس ٿاڻي جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرياڻي پاران قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، ناري جي وارثن ٻڌايو ته ناري صائمه ابڙو گھر ۾ اڪيلي رھندي ھئي، جنھن گھريلو پريشانين سبب پنھنجي مٿان رپيٽر جو فائر ڪري خودڪشيءَ ڪئي آھي، جڏھن ته ٻئي پاسي چوٻول آھن ته ناري کي قتل ڪيو ويو آھي، ان حوالي سان ايس ايچ او محمد حنيف مھر جو چوڻ آھي ته پيش آيل واقعي جي جاچ ڪري رھيا آھيون. جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.