مورو (ن پ ا) مورو ويجھو درس ٿاڻي جي حد ڳوٺ درس مان ڪتن جي ڏاڙھيل نوجوان جو لاش ھٿ آيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري مڙهه جا فنگر پڻ ورتا ويا، ڄاڻ موجب ته وڏيري محمد ابڙو جي زرعي زمين تي پهتل نوجوان کي ڪتن گهيري ورتو، ڪتن ھڪ ڄڻي کي ڏاڙھي چيري ڦاڙي ماري وڌو، هارين موجب ته نوجوان سولر پليٽن جي چوري جي ارادي سان آيا هئا، جن کي ڪتن ڏاڙهي وڌو،جڏهن ته ايس ايچ او درس عبدالمنعيم لاڙڪ ٻڌايو ته ڪتن ڏاڙھيل شخص جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري فنگر ورتا آهن،  وڌيڪ سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي ڪرائي ويندي، جيئن حقيقتن تائين پھچي سگھجي، ھن چيو ته پيرين جي مدد سان پيرا به کنيا ويا پر پيرو ڪاٿي به ظاھر نه ٿي سگھيو آهي.