مورو(ن پ ا) موري جي گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ۾ گٽرن جو گندو پاڻي ھجڻ سبب ٻئي ڏينھن تي بہ تدريسي عمل بحال نہ ٿي سگھيو، ٽيچرس ۽ شاگردياڻيون پريشاني سبب حاضري بعد واپس روانيون ٿي ويون، ان حوالي سان ماسترياڻين ٻڌايو ته  اسان جي  گرلس هاءِ اسڪول جي ديوار ڪرڻ سبب گٽرن نالن جو پاڻي ڪافي وقت کان بيٺل آھي، شڪايتن باوجود انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن سبب اسڪول جو تدريسي عمل شروع نه ٿي سگهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.