مورو (ن پ ا) مورو شهر جي دستگير ڪالوني جي گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول اندر اسڪول ۾ پاڻي وارو موٽر ٺاھڻ دوران پٽيوالي ياسين جٽ آرائين ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو جنھن جي اطلاع پوليس کي ڏني وئي. پوليس پھچي لاش کڻائي مورو اسپتال آندو جتي قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. جڏھن ته اھڙي واقعي جي رپورٽ مورو ٿاڻي تي پڻ داخل ڪئي وئي. ھوڏانھن مورو ويجھو ڳوٺ ماڙي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب مير محمد عرف ڏاڏو ٻگھيو جي گھر واري فوت ٿي وئي.