مورو (ن پ ا) مورو ۾ فنڪار ميوزيشن اتحاد ۽ سنڌ فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي فقير خادم ڪلهوڙو، اصغر بھراڻي، شھباز زرداري، عابد سولنگي، پرويز سمون، غلام عباس سمون ۽ ٻين چيو ته جتي برسات ۽ ٻوڏ سبب پوري سنڌ جا ماڻھون پريشان آھن اتي فنڪار، ميوزيشن ۽ اسٽيج اداڪار پڻ سخت متاثر ٿيا آھن، هنن چيو ته خراب صورتحال سبب فنڪار فاقه ڪشي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته متاثر فنڪارن جي مدد ڪئي وڃي،