مورو (ن پ ا) مورو شھر جي دادو چوڪ وٽ امان الله سومرو جي گھر ۾ نامعلوم شاهينگ عورتون داخل ٿي گھر مالڪ عورتن کي سون ۽ پيسا علم ذريعي ٻيڻا ڪرڻ جو دلاسو ڏئي سونا زيور ۽ روڪ رقم ھٿ ۾ اچڻ بعد پسٽل ڏيکاري ڦري فرار ٿي ويون، شهري جنيد احمد سومرو ٻڌايو ته اسان سمورا مرد ڊيوٽين تي ھئاسين، گھر ۾ رڳو امڙ ۽ ڀيڻ ھئي، جن وٽ شاهينگ عورتون آيون ۽ چيو ته فقيرياڻيون آھيون، دروازو کوليو، هنن سون ۽ پيسا ٻيڻا ڪري ڏيڻ جي چئي پڙھائي ڪئي ۽ گھر ۾ موجود ڀاتين سونا زيور واليون منڊي سوني زنجير ۽ روڪ پيسا هنن اڳيان رکي ڇڏيا، جيڪي هو پسٽل ڏيکاري ڦري فرار ٿي ويون، پوليس رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.