مورو (رپورٽ: وحيد رزاق مستوئي) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ شفقت حسين ڇڄڻ پوليس ساڻ ڪري مختلف ھنڌن تي ڇاپا هنيا، جنهن دوران ھڪ گودام مان 2000 کان مٿي راشن ڪٽا ھٿ ڪيا ويا، جڏھن ته ٻئي ھنڌ ڇاپي دوران 200 کان مٿي راشن جا ڪٽا ھٿ آيا، سول جج هڪ ڳجهي اطلاع تي برسات متاثرن لاءِ آيل ٽينٽ هٿ ڪري ورتا، سول جج جو چوڻ هو ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪارروايون ڪري رھيا آھيون، هن چيو ته هٿ ڪيل راشن جي ڪٽن ۾ ڪجھه يوٽيليٽيز جو سامان پڻ موجود آھي، جڏھن ته ھڪ ھوٽل جي ڪمري مان 200 ڪٽا مليا اھو سامان غريبن تائين پھچائڻ بجاءِ ذاتي گودامن ۾ رکيو ويو هو، جج موجب سامان ملڻ کانپوءِ گدام سيل ڪيا ويا آھن، مالڪن کي ڪورٽ ۾ گھرايو آھي، سندس چوڻ هو ته موجود مزدورن ٻڌايو ته ھڪ سياسي اڳواڻ جي حڪم تحت اھو سامان ھتي رکيو ويو آھي، اسان جو ان سان تعلق ناھي، سول جج چيو ته ڪارروائي جي سموري رپورٽ سيشن عدالت نوشهروفيروز ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اماڻي ويندي، هوڏانهن الزام هيٺ ايندڙ ڌرين جو چوڻ آھي ته سندن وٽ سامان خريد ڪرڻ ۽ رکڻ جو رڪارڊ موجود آھي، هنن ڪو به غلط ڪم نه ڪيو آهي،