مورو (ن پ ا) سيڪنڊ سول جج جميل مصطفيٰ انصاري مورو ٿاڻي تي ڇاپو ھڻي زنجير هڻي ناحق باندي بڻايل نوجوان کي ھڪ بند پيل ڪوارٽر مان بازياب ڪرائي ورتو، جج ايس ايچ او کي سڀاڻي سومر ڏينھن رڪارڊ سميت ايڊيشنل سيشن جج وٽ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪجھه ڏينھن اڳ پوليس پاران کنڀيل نوجوان نعمان علي سولنگي جي ڀاءُ وسيم منظور سولنگي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي جنهن تي سيڪنڊ سول جج بند پيل ڪوارٽر جو تالو ٽوڙائي ڪوارٽر ۾ زنجيرن سان جڪڙيل نوجوان نعمان علي سولنگي کي بازياب ڪرايو، ان موقعي تي باندي بڻايل نوجوان جو چوڻ ھو ته کيس ڪجھه ڏينھن اڳ گرفتار ڪري ڪوارٽر ۾ بند ڪيو ويو ھو ۽ رشوت جي گھر ڪئي وئي ھئي، جيڪا نه ڏيڻ تي زنجير ھڻي بند ڪاورٽر ۾ رکيو ويو، ايڊووڪيٽ ثاقب علي ڪلھوڙو ٻڌايو ته وسيم احمد سولنگي جو پنھنجي ڀيڻيوي نورالدين سان ڪجھه گھريلو معاملي تان تڪرار ٿيل ھو، جنھن تان نورالدين پنھنجي ساٿين، طوطو ڏھر ۽ پوليس اھلڪارن جي مدد سان گڏجي وسيم جي ڀاءُ فريادي نعمان سولنگي کي ھوٽل تان تشدد ڪري کڻايو، اسان نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪوششون ڪيون، پر پوليس چيو ته نوجوان اسان وٽ ناھي، بعد ۾ بازيابي لاءِ ڳري رشوت پڻ گھري وئي، سول جج ڇاپو ھڻي باندي نوجوان کي بازياب ڪرايو آھي، ھوڏانھن ايس ايچ او مورو علي اڪبر کوکر جو چوڻ هو ته اسان کي ڪا به ڄاڻ ناھي، ڪوارٽر پراڻا آھن، جيڪي کليل ھوندا آھن، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪريان ٿو ته حقيقت ڇا آھي ۽ نوجوان کي ڪنھن کڻي زنجير ھڻي باندي بڻايو.