مورو (ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار ۾ خبر ھلڻ کانپوءِ تعلقي بار ايسوسيئيشن مورو پاران ڪتن جي وڌندڙ آزار خلاف عدالتن جو ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري ھڪ اجلاس طلب ڪيو جنھن جي صدارت مورو بار جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ قادر بخش ڪورائي ڪئي. جڏھن ته ايڊووڪيٽ محمد علي ڀٽو، صدر امين الدين خاصخيلي، نائب صدر عبدالوحيد ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري اي ڪي عباسي، فنانس سيڪريٽري حاڪم علي جسڪاڻي، ايڊووڪيٽ زينت منگي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. هنن چيو ته تعلقي مورو ۾ ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، معصوم ٻارن توڙي شھرين جي جان بچائڻ اسان جي اولين ترجيح آھي شھر توڙي يونين ڪائونسلن مان ڪتا مار مھم شروع نه ٿيڻ سبب عوام سخت تڪليف کي مُنھن ڏيڻ تي مجبور آھي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته يوسي سيڪريٽريز ۽ سي ايم او مورو تي انڪوائري ويھاري شھرين جا جائز مسئلا حل ڪرايا وڃن، ٻي صورت ۾ وڪلا اتحاد وڌيڪ ايڪشن کڻندي.