مورو (ن پ ا) مورو شھر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي قادر خان ڪورائي، غلام فريد ڪلهوڙو، راجا جي ايم ڪورائي، اسحاق ڪورائي، جاني مورائي، محمود اعواڻ، سجاد علي مستوئي، ماجد زرداريءَ، اي ڪي عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، هنن چيو ته ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ڊي ايس پي مورو امن ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام بڻجي ويا آهن، روزانو جي بنياد تي مورو شهر ۾ ڦرن جا واقعا پيا ٿين پر پوليس ڪو به قدم نه پئي کڻي، احتجاج ڪندڙ اڳواڻن امن امان جي بحالي تائين جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو.