مورو (ن پ ا) مورو ۾ آءِ بي اي جي ٽيسٽ پاس ڪري 40 کان 50 مارڪون کڻندڙ اميدوارن جي گڏجاڻي ٿي، ان موقعي تي اصغر چانڊيو، وسيم شاهه، امتياز سولنگي، اسماعيل چانڊيو، شيراز ٻرڙو، منٺار سولنگي ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت ڄاڻي واڻي 40 پلس مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي نظر انداز ڪري آفر آرڊر نه پئي ڏئي، جنھن ڪري اميدوارن ۾ بيچيني ڦهليل آهي، ٻين ضلعن ۾ اميدوارن کي آفر آڊر جاري ٿي چڪا آھن پر نوشھرو فيروز جا اميدوار رهيل آهن.