مورو (ن پ ا) مورو ۾ ھڪ ڏينھن اڳ جوڊيشنل مئجسٽريٽ شفقت حسين ڇڄڻ پاران هڪ آئل مل تي ڇاپي دوران ٻوڏ متاثرن جو سامان هٿ ڪرڻ واري معاملي ۾ ڪالهه ڌرين محمد اسلم آرائين، انور قائمخاني پنھنجي وڪيلن معرفت عدالت ۾ خريد ڪيل سامان جون رسيدون پيش ڪيو ۽ پنھنجو سامان واپس وٺڻ جي درخواست داخل ڪرائي، جنھن تي عدالت اسسٽنٽ ڪمشنر مورو ۽ مختيارڪار کان پڻ معلومات ورتي، جن عدالت کي رپورٽ پيش ڪندي لکت ۾ بيان ڏنو ته اھو سامان اسان جو نه آھي، سندن ذاتي آھي، جنھن تي سيل ڪيل آئل مل وارو گدام ۽ نجي ھوٽل جي ڪمري کي ڊي سيل ڪري سامان مالڪن حوالي ڪيو ويو، ھوڏانھن عدالت ھڪ ليٽر جاري ڪري اڄ ڌرين کي طلب ڪري ورتو آهي،