مورو (ن پ ا) مورو ويجھو درس ٿاڻي جي حد ڌيرڻ جي گگل وٽ پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي  حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان ڏس ۾ درس ٿاڻي جي ايس ايچ او رفيق احمد ٻوھيو ٻڌايو ته گشت دوران ڦورن سان مقابلو ٿي پيو، جنھن دوران فائرنگ ۾ ھڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جنھن وٽان ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل ۽ 2 پسٽل پڻ برآمد ڪيا ويا آھن، ڦورو جي سڃاڻپ نہ ٿي سگھي آھي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.