مورو (ن پ ا) مورو ويجھو ڳوٺ سردار خان لنڊ ۾ گھر اندر پنکو ھلائڻ دوران ڪرنٽ  لڳڻ سبب مسمات شاھدان زال امام الدين لنڊ بيھوش ٿي وئي، جنھن کي مورو اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽر پاران سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، عورت جو لاش گھر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو.