مورو (ن پ ا) مورو ويجھو قومي شاھراهه تي ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ڪوچ تي 6 کان وڌيڪ ھٿياربندن ڦر جي ارادي سان روڪڻ لاءِ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن دوران ڊرائيور گاڏي کي نه روڪيو جنهن تي هٿياربندن ڊرائيور تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب واسي ڪوچ ڊرائيور راڻا عامر راجپوت ٿڏي تي قتل ٿي ويو، واقعي سبب مسافرن ۾ دانھون پئجي ويون، جنھن دوران هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، واقعي بعد مسافر ڪوچ جي ڊرائيورن گاڏيون بيھاري قومي شاهراهه بند ڪري ڇڏيو، اطلاع باوجود پوليس حد جي تڪرار سبب دير سان پهتي، پوليس ڊرائيور جو لاش مورو اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مسافر ڪوچ جي ڪلينر باسط آرائين ٻڌايو ته ڪوچ نه بيھارڻ تي ڦورن فائرنگ ڪري ٽائر برسٽ ڪيا ۽ بعد ۾ سڌي فائرنگ ڪري ڊرائيور کي قتل ڪري ڇڏيو، بعد ۾ پوليس ڊرائيورن سان ڳالھيون ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو، واقعي جو ڪيس درس ٿاڻي تي حبيب الله ملڪ جي فرياد تي 6 نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، آخري اطلاعن موجب درس ٿاڻي جي پوليس پيري جي مدد سان پيرا کنيا جيڪي اڳتي هلي گم ٿي ويا.