مورو (رپورٽ: وحيد مستوئي) مورو ويجھو زرعي زمين تي ٿريشر هلرائڻ دوران ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي، فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، پوليس بڪتر بند گاڏين ۾ پهچي ضابطو آندو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ديهه سهڙا ۾ تڪراري زمين تي ٿريشر هلرائڻ دوران ڪوريجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ ۾ هاري رجب عرف ڪالو مشوري مارجي ويو، جڏھن گلزار مشوري زخمي ٿي پيو آھي، مقتول جو لاش ۽ زخمي کي تعلقه اسپتال آندو ويو، جتان مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، واقعي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جڏهن ته پوليس بڪتر بند گاڏين ۾ پهچي ڌرين ۾ فائرنگ بند ڪرائي، ان موقعي تي وڪيل خير محمد ڪوريجو چيو ته پنھنجي چاچن سان جھيڙو ھلندڙ آھي، ڪڻڪ جي ٿريشر هلرائڻ دوران مخالفن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ منھنجو ھڪ ھاري مارجي ويو ۽ بيو زخمي ٿي پيو آهي، ھن چيو ته زرعي زمين جي ورھاست بابت منھنجو ۽ چاچن وچ ۾ معاملو ھلندڙ آھي، وچ ۾ وڏيرو زبير ڪوريجو ۽ گل محمد ڪوريجو وارا معاملي کي وڌائي رھيا آھن، جنهن سان وڏي رتوڇاڻ ٿي سگهي ٿي، ھوڏانھن الزام ھيٺ آيل زبير ڪوريجو جي ڀاڻيجي عادل مير ڪوريجو چيو ته سھڙا ۾ اسان جي 20 ايڪڙ زمين آھي، جنھن مان وڪيل خير محمد ڪوريجو ساڍا ٽن ايڪڙن تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو، ھن پنھنجي ھٿياربندن کي زمين تي موڪلي فائرنگ ڪرائي، جنھن ۾ اسان جا 2 ھاري زخمي ٿيا آھن، منھنجو مامو زبير ڪوريجو سندن گھيري ۾ آھي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.