مورو (ن پ ا) مورو ويجھو حادثو، ڏاڏو پوٽي سميت چيڀاٽجي فوت، ٽرالر ڊرائيور فرار، متاثرن جو احتجاج، اسپتال ۾ ڊاڪٽر سان منھن ماري، خبر موجب قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ ڳوٺ گل محمد جيسر واسي پيرسن قادر بخش جيسر ۽ سندس پوٽو 10 سالن جو مشتاق جيسر ٿڏي تي فوت ٿي ويا، حادثي بعد ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو، اطلاع تي فوتين جي وارثن پهچي احتجاج ڪيو، جنهن ڪري قومي شاهراهه بند ٿي ويو، بعد ۾ پوليس پهچي روڊ کولرايو، مظاهرين مطالبو ڪري رهيا هئا ته ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻنھي ڄڻن جا لاش مورو اسپتال آندا ويا، جتي پوسٽ مارٽم ۾ دير ٿيڻ تي وارث مڇرجي پيا ۽ ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر ارسل منگي کي مارڪٽ ڪندي اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، جنھن سبب اسپتال ۾ هنگامو مچي ويو، وارثن جو چوڻ هو ته اسان کي رڳو رلايو پيو وڃي، پوليس چئي ڊاڪٽر ڏانھن وڃو ۽ ڊاڪٽر چئي ته مونکي ليٽر ملي ته پوسٽ مارٽم ڪندس، سينيئر ڊاڪٽر محمد ياسين ٻلال چيو ته پوليس ليٽر ملڻ جي انتظار سبب پوسٽ مارٽم ۾ دير ٿي، مڇريل ماڻهن حملو ڪيو، جنهن دوران ڀڄي جان بچائي آھي، معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي، بعد ۾ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، پيرسن ۽ نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.