مورو (ن پ ا) مورو ويجھو جتوئي شاخ کي ٻن ھنڌن تان 15- 15 فوٽ گھارا پئجي ويا، اطلاع باوجود آبپاشي عملدار نه پهتا، جنهن بعد رھواسين پنھنجي مدد پاڻ تحت 5 ڪلاڪن جي جدوجھد کانپوءِ گھارا بند ڪري ورتا، ڳوٺاڻن گلاب خان، احمد، غلام شبير، محمد بخش ۽ ٻين چيو ته شاخ ۾ پٺيان بااثر ماڻهن جھٽا ھڻائي پاڻي ڇوڙ ڪيو آھي، جنهن ڪري گهارا پيا، هنن چيو ته گهارن جو پاڻي پنجن ڳوٺن جي چوڌاري بيهجي ويو آهي، جڏهن ته فصل پڻ ٻڏي ويا آهن.