مورو: نافرمان ۽ نشئي پٽ خلاف پيرسن پيءُ جو احتجاج

0
359

مورو: نافرمان پٽ پاران پيءُ ء گھر ڀاتين کي موت مار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف پيرسن پيءُ احتجاج ڪندي تحفظ جي گھر ڪئي آهي. عبدالقدير سيهڙ دانهيندي چيو ته منھنجو پٽ وزير علي سيھڙ نافرمان ٿي ويو آھي جيڪو مون سميت منھنجي نياڻين ۽ ٻين گھر ڀاتين کي ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي، جنھن مان جاني خطرو آھي.

پيرسن شخص چيو ته پٽ جو چوڻ آھي ته مونکي پيسا ڏوڪڙ ڏي ته مان عياشي ڪريان ۽ ملڪيت لکي ڏي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي ۽ غلط ماڻھن سان گڏجي نشو ڪري گھر ۾ ھنگامو ڪري اسان جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آھي.اسان کي تحفظ فراھم ڪري ھن خلاف قانوني قدم کنيو وڃي.