مورو (ن پ ا) مورو شھر جي گچيرو رود جي رھواسڻ ذليخان سولنگي گذريل 4 سالن کان ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا ھجڻ سبب علاج ڪرائڻ جي سگهه نه ھجڻ سبب ھڪ بستري تي پيل آھي. ان سلسلي ۾ ڪينسر ۾ مبتلا عورت ذليخان سولنگي ٻڌايو ته گذريل 4 سالن کان ھن مرض ۾ مبتلا آھيان جيڪو ڪجهه گھر ۾ ھيو اھو سڀ دوا تي خرچ ڪري ڇڏيو آھي مڙس به ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا ھجڻ سبب فوت ٿي چڪو آھي چار معصوم ٻارڙا آھن ۽ ڀاءُ به بستري تي پيل آھي علاج ڪرائڻ جي طاقت نه ھجڻ سبب تمام گھڻو پريشان آھيان، ھن چيو ته ھن مھانگائي جي دور زندگي گذارڻ ۽ گھر جو چرخو ھلائڻ به تمام ڏکيو ٿي ويو آھي، پني پنھنجو ۽ ٻچڙن جو گذر سفر ڪريان ٿي، باقي علاج نه ٿي ڪرائي سگھان. هن وس وارن کان علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪئي.