مورو:ڪاغان ۾ حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوانن جا مڙهه مٽي ماءُ حوالي

0
529

مورو: گذريل ڏينھن ناران ڪاغان ۾ پيش آيل حادثي ۾ فوت ٿي ويل مورو واسي نوجوان عاقب ميمڻ ۽ امير حمزہ ميمڻ جا مڙھ مانسھرہ کان ايمبولنس ذريعي مورو آندا ويا. ٻنھي نوجوانن جا لاش پھچڻ تي مورو ۾ سوڳ واري فضا ڇائنجي وئي ۽ ھر اک آلي رھي. بعد ۾ ٻنھي نوجوانن جي مڙھن کي گھر پھچايو ويو ته گھر ڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو. ٻنھي نوجوانن جي جنازي نماز ۾ ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي، جنازي نماز بعد ٻنھي نوجوانن کي اباڻي قبرستان خليفي سائين جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. حادثي ۾ فوت ٿيندڙ امير حمزہ ميمڻ شادي شدہ ھيو جنھن کي ڏيڍ سال جو پٽ اٿس ۽ گھر واري پڻ اميد سان آھي. ياد رھي ڪجھه ڏينھن گھمڻ لاءِ اسلام آباد، ناران ڪاغان ويل نوجوانن جي ڪار مٿان وڻ ڪرڻ سبب ڪار ۾ سوار مورو واسي نوجوان امير حمزہ ميمڻ ۽ عاقب ميمڻ فوت ٿي ويا ھيا.