مودي سرڪار جي والاريل ڪشمير ۾ نئين ڊرامي جي ڪوشش

0
361

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) مودي سرڪار جي والاريل ڪشمير ۾ نئين ڊرامي جي ڪوشش، ڪشميرين جي نمائندگي ڪندڙ جماعت حريت ڪانفرنس کي نظر انداز ڪري اڳوڻن وڏن وزيرن سميت 14 ڪشميري سياستدانن کي اڄ نئين دهلي گهرائي ورتو، فاروق عبدالله سان ملاقات بعد محبوبه مفتي چيو ته هو نريندر مودي کي چوندي ته ڪشمير بابت هڪطرفو قدم غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، ڪشمير ۾ امن جي بحالي هڪطرفي فيصلي جي واپسي سان جڙيل آهي، مشعال ملڪ چيو آهي ته ڀارت ڪشميرين مٿان بندوق تاڻي اي پي سي گهرائي رهيو آهي، اصل ماڻهو جيل ۾آهن، مودي پنهنجن ماڻهن کي گهرايو آهي.