مودي حڪومت تي تنقيد، ڪنگنا رناوت جو ٽوئٽر اڪائونٽ معطل

0
357
اڪثر فلمي هستيون ڊارڪ ويب استعمال ڪن ٿيون: ڪنگنا رناوت
اڪثر فلمي هستيون ڊارڪ ويب استعمال ڪن ٿيون: ڪنگنا رناوت

ڪراچي (شوبز نيوز) ٽوئٽر بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره ڪنگنا رناوت جو اڪائونٽ معطل ڪري ڇڏيو، ميڊيا رپورٽس موجب امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڪنگنا جو ٽوئٽر اڪائونٽ مودي حڪومت جي ڪورونا کي منهن ڏيڻ واري پاليسين تي سخت تنقيد جي نتيجي ۾ معطل ڪيو ويو آهي، گذريل ڏنهن به اداڪاره ڀارت ۾ مصنوعي آڪسيجن جا پلانٽس لڳائڻ تي شديد تنقيد ڪئي هئي، گذريل هفتي مودي سرڪاري سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر جي درخواست ڏني هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته جيڪي اڪائونٽس ڪورونا جي سنگين صورتحال جي ڪري حڪومت تي تنقيد ڪري رهيا آهن انهن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي، مودي سرڪار تي تنقيد ڪرڻ واري بي باڪ اداڪاره جي ٽوئٽس کي مختلف جڳهن کان هٽايو ويو ۽ اڪائونٽ به معطل ڪيو ويو آهي.