موجوده ٽيم ۾ تجربي جي کوٽ آهي، شعيب ملڪ کي کيڏائڻ جو فيصلو چيف سليڪٽر ڪندو:مصباح الحق

0
343

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيو آهي ته شعيب ملڪ کي شامل ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو چيف سليڪٽر کي ڪرڻو آهي. مصباح الحق جو چوڻ آهي ته ٽيم جي ضرورت تحت رانديگرن جو نمبر تبديل ڪرڻو پوي ٿو، هڪ ٻه رانديگر تبديل ڪرڻ جو مارجن موجود هوندو آهي. هن چيو ته موجوده ٽيم جيڪا کيڏي پئي ان ۾ تجربي جي کوٽ آهي، آصف علي کي چيف سليڪٽر اسڪواڊ ۾ چونڊيو.اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ هو ته اهڙو تاثر ڏيڻ غلط آهي ته آئون هر رانديگر کي سپورٽ ڪندو آهيان.